سجاول: قومپرست اڳواڻ حبدار ميرجت جو جيئي سنڌ قومي پارٽي ۾ شموليت جو اعلان

نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي نائب صدر ۽ سينيئر قومپرست اڳواڻ حبدار ميرجت جيئي سنڌ محاذ کي الوداع چئي جيئي سنڌ قومي پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور سان گڏ پريس ڪلب ميرپوربٺورو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  حبدار مير جت چيو ته  جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور جي قيادت تي ڀرپور اعتماد آهي ،  سندس اڳواڻي ۾  قومي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪنداسين۔ پريس ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو اسان حبدار ميرجت کي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي دل سان ڀليڪار ڪريون ٿا۔ ساڻس گڏجي سياسي جدوجهد کي وڌيڪ سگھ بخشينداسين. هن وڌيڪ چيو ته ڏنگي ۽ بنڊاڙ ٻيٽ سنڌي قوم جي ملڪيت آھن، انھن تي وفاق جو قبضو برداشت نه ڪنداسين۔ ۔ ان موقعي تي اياز ميراڻي، قادر بخش زئور ۽ ٻيا پڻ موجود هئا۔

رپورٽ- امتياز علي سومرو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.