مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي صه ۾ مفت واءِ فاءِ سروس فراهم ڪرڻ جو فيصلو

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي حڪومت مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي صه ۾ مفت واءِ فاءِ سروس فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب سعودي حڪومت ڪميونيڪيشن اينڊ انفارميشن ٽيڪنالوجي تحت سڄي ملڪ ۾ 60 هزار هنڌن تي مفت واءِ فاءِ سروس فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت عوامي هنڌن تي شهرين کي واءِ فاءِ جي مفت سروس فراهم ڪئي ويندي.

ميڊيا رپورٽن موجب اسپتال، مالز ۽ پبلڪ پارڪن ۾ به مفت واءِ فاءِ سروس فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي صه ۾ به واءِ فاءِ سروس ڏني ويندي.

ميڊيا رپورٽن موجب سروس تحت مختلف شهرن ۾ انٽرنيٽ سروس فراهم ڪندڙ ڪمپنيون شهرين کي ٻن ڪلاڪن لاءِ مفت واءِ فاءِ جي سهولت فراهم ڪنديون.عمل درآمد لاءِ ڪميونيڪيشن اينڊ انفارميشن ٽيڪنالوجي ٽيلي ڪام اختيارين سان گڏ ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.