واريءَ جي ڀت ڪرڻ واري آهي ۽ ڪٺ پتلي جي راند ختم ٿيڻ واري آهي: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ بدترين ڌانڌلي باوجود سادي اڪثيريت به حاصل نه ڪرڻ حڪومت جي شرمناڪ شڪست آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي مريم نواز پيغام جاري ڪندي چيو ته سموري رياستي طاقت، حڪومتي ادارن، سرڪاري مشينري جو زبردستي ۽ ڏاڍ سان وفاداريون تبديل ڪرائڻ ۽ بدترين ڌانڌلي جي باوجود سادي اڪثيريت به حاصل نه ڪرڻ شرمناڪ شڪست آهي،”لوٽا پارٽي“ کي ٻيڻ تي سيٽون ملڻ ڪٺ پتلي تي عوام جو عدم اعتماد آهي.

هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ پي ٽي آءِ جو نه اڳ ڪو وجود هو نه هاڻ آهي، انهن کي خيرات ۾ ملندڙ ڪجهه سيٽون ڌانڌلي، مسلم جي ٽوڙيل اميدوارن ۽ سليڪٽرن جون مهربانيون آهن، وفاق ۾ موجود حڪمران جماعت کي پهريون ڀيرو هتي اهڙي شڪست ٿي آهي، اها شڪست ايندڙ ڏينهن جي ڪهاڻي ٻڌائي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته گلگت بلتستان جي بهادر ماڻهن، ان ڌانڌلي سان همٿ ناهي هارائي، واريءَ جي ڀت ڪرڻ واري آهي ۽ ڪٺ پتلي جي راند ختم ٿيڻ واري آهي.

مريم نواز چيو ته پنجاب ۽ وفاق جيان سادي اڪثيريت نه ملڻ باوجود اوهان کي بيساکي فراهم ڪري حڪومت ته ٺاهي ويندي پر ان آئيني ۾ پنهنجو چهرو ضرور ڏسو جيڪو گلگت بلتستان جي عوام اوهان کي ڏيکاريو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.