دادو لڳ ڀت ڪرڻ سبب ٻارڙو دٻجي فوت

دادو ( ڊر )  دادو ڀرسان بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ صاحب خان رستماڻي ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 7 سالا نينگر شريف پٽ محمد  پنھور دٻجي فوت ٿي ويو، علائقي واسين نينگر جو لاش ڪڍي سول اسپتال دادو آندو جتي ڊيوٽي ڊاڪٽر نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، نينگر جي وارثن جو چوڻ هو ته گھر جي ڪچي ڀت اوچتو ڪري پئي نينگر ڀت ڀرسان راند ڪري رھيو ھو جيڪو ڀت هيٺان اچي دٻجي ويو، نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، علائقي ۾ سوڳ واري لھر ڇائنجي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.