پيرڳوٺ لڳ ڌنار يرغمال، مينهون ڦر، مقابلو، ڏوهاري فرار

پيرجوڳوٺ ( ن ع آ )  پيرجوڳوٺ لڳ صدر جي ڀٽيون واري علائقي عبدالرحمان انڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻنڊي ڪلهوڙا ۾ هٿيار بندن  ڌنار نعمت الله ڪلهوڙو کي يرغمال بڻائي 10مينهون ڦر ڪري ويا اهڙي اطلاع بعد ايس ايڇ او شمس الدين سيال جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس هٿيار بندن جو پيڇو ڪيو بعد ۾ ڪيٽي مير محمد واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿي پيو پوليس مڙسي ڪري ڦر ڪيل مينهون ڇڏائي ورتيون ۽ ڏوهاري فرار ٿي ويا ، واپس ڪرايل مينهون مالڪن حوالي ڪيون ويون ، پوليس جي بروقت ڪاروائي تي شهرين پاران ايس ايڇ او شمس الدين سيال کي هار پارايا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.