”سنڌ سان ڏاڍ نامنظور“ حيدرآباد ۾ پورهيتن جي ريلي، ڌرڻو

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ جي ٻيٽن تي قبضن، ملڪ ۾ وڌندڙ بيروزگاري، مھانگائي ۽ آءِ ايم ايف جي عوام دشمن پالسين ۽ انساني حقن جي پائمالي خلاف ھوم بيسڊ وومين ورڪرز فيڊريشن طرفان گاڏي کاتي  کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي فيڊريشن جي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ زھرھ خان، شڪيلا خان، سعيدھ خاتون، سائرھ فيروز،  ناصر منصور ۽ جميلا عبداللطيف ڪري رھيون ھيون. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تھ  موجودھ حڪومت عوام دشمن فيصلا ڪري رھي آھي، مھانگائي ۾ ڏينھون ڏينھن  اضافو ٿيندو پيو وڃي.  ھنن چيو تھ اٽو، داليون، چانور ۽ سبزين جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿي ويو آھي. ھنن چيو تھ حڪومت اعلان ڪيو ھو تھ گھٽ ۾ گھٽ اجرت 17500 ڪئي ويندي، پر 90 سيڪڙو مزدورن کي حڪومت طرفان اعلانيل اجرت بھ نھ ٿي ڏني وڃي. ھنن چيو تھ حڪومت ھڪ طرف عوام کان ٻھ ويلا ماني بھ کسي رھي آھي تھ ٻئي طرف صوبن جي وسيلن کي قبضا ڪيا پيا وڃن. ھنن چيو تھ سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق طرفان ٿيندڙ قبضو غير آئيني عمل آھي، جنھن کي ڪنھن بھ صورت ۾ قبول نھ ڪيو ويندو. ھنن مطالبو ڪيو تھ گھٽ ۾ گھٽ اجرت 30 ھزار مقرر ڪرڻ سميت تمام شھرين کي يونيورسل سوشل سيڪيورٽي تحت صحت ۽ پوڙھائپ لاءِ پينشن ڏني وڃي. ھنن اھو بھ مطالبو ڪيو تھ عورتن، کدڙن فقيرن، ٻارن توڙي مذھبي اقليتن کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ سنڌ ۽ بلوچستان جي ذخيرن تان قبضو ختم ڪيو وڃي. 17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.