خانپور مهر ۾ پٽ سروٽا هڻي پيءُ جو مٿو ڦاڙي وڌو

خانپورمهر (رپورٽ:ميهرمهر)خانپورمهر شهر جي مهر پاڙي ۾ گهر جي جاءِ جي معمولي تڪرار تان جوابدار آصف مهر سروٽا هڻي پنهنجي  پيرسن پيءُ غلام نبي مهر جو مٿو ڦاڙي کيس رتورت ڪري ڇڏيو، واقعي بعد زخمي پيرسن غلام نبي مهر جي فرياد تي خانپورمهر ٿاڻي تي سندس جوابدار پٽ آصف مهر خلاف اين سي رپورٽ داخل ٿيڻ بعد پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن پوليس ليٽر ملڻ بعد زخمي پيرسن غلام نبي مهر کي تعلقي اسپتال شيخ همدان بن محمد داخل ڪرايو ويو آهي، زخمي پيرسن غلام نبي مهر صحافين کي ٻڌايو ته نافرمان پٽ گهر جي جاءِ تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ هن گهر جو هڪ ٺهيل ڪمرو پڻ ڊاهي پٽ ڪرڻ بعد حملو ڪري سروٽا هڻي مونکي زخمي ڪري ڇڏيو آهي. پيرسن غلام نبي مهر ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته سندس پٽ خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف ڏياريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.