ڪوٽڏيجي لڳ ذهني مريض پول تي چڙهي سڙي ويو

ڪوٽڏيجي (ن ع آ ) ڪوٽڏيجي ڀرسان زھني توازن درست نه هجڻ سبب پيرسن جو بجلي جي ٿنڀي تي چڙهڻ دوران 11 هزار وولٽيج جي  تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب جسم کي باھ %80 سڙي زخمي نازڪ حالت ۾ اسپتال داخل خبر موجب ڪوٽڏيجي جي علائقي ڪوٽ بنگلو سوراهه  چوڪ تي 65 سالن جي پيرسن نبن پريو پاران بجلي جي ٿنڀي  تي چڙهي وڃڻ دوران 11 هزار وولٽيج جي ڊبل سپلائي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب جسم کي باهه لڳي وئي، جنھن جي نتيجي ۾  %80 جسم سڙي ويو،  جنهن کي شهرين ڪوٽبنگلو جي پرائيويٽ اسپتال آندو ڊاڪٽر پاران ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ ڪري سول اسپتال خيرپور ريفر ڪيو  جتي ڊاڪٽرن پاران %80 جسم سڙي وڃڻ ڪري اسپتال ۾ سهولت نه هجڻ ڪري گمبٽ جي گمس اسپتال ڏانهن ريفر ڪيو ويو هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي وارثن موجب پيرسن نبن پريو زھني توازن درست نه هجڻ سبب ڀنگ جو موالي پڻ هو نشي ۾ بجلي جي ٿنڀي تي چڙهي وڃڻ ڪري  هي واقعو پيش آيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.