جروار ويجهو گهر ۾ ستل نوجوان گوليون هڻي قتل

جروار (رپورٽ: خالد حسين بوزدار)جروار ويجهو هٿياربند گهر ۾ ستل نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا. يارولنڊ  ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڇتو لنڊ ۾ رات دير سان آصف لنڊ مٿان هٿياربندن گوليون وسائي  قتل ڪري ڇڏيو. ھوڏانھن يارولنڊ پوليس اطلاع ملندي ئي واقعي واري ھنڌ پھچي لاش پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. جڏھن ته واقعي جو ڪارڻ اڃان تائين معلوم نه ٿي سگھيو آھي. رابطي ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو آھي ته اڃان تائين جاچ جاري آھي، ٻي طرف آخري اطلاع تائين ڪو به ڪيس وغيره داخل نه ٿي سگھيو آھي. هوڏانهن مقتول نوجوان جي والد صحافين کي ٻڌايو آھي ته ڪنھن سان به دشمني ناھي، ناحق پُٽ کي گھر ۾ گھڙي قتل ڪيو ويو آھي، ھن اعليٰ اختيارين کان انصاف جو مطالبو ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.