ڪشمور لڳ پرائمري اسڪول زبون، تدريسي عمل بند، احتجاج

ڪشمور( ڊر ) ڪشمور لڳ يوسي کوسڪي ۾ قائم گورنمينٽ پرائمري اسڪول صادق خان مزاري بالاچاڻي مها ٻوڏ 2010ع  کان زبون حال بڻيل آهي عمارت جون در دريون ٽٽي اکڙي ويون آهن شڪايتن باوجود تباهه ٿيل اسڪولي عمارت جو مرمت نه ٿيڻ ڪري اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن تعليمي عمل جو بائيڪاٽ ڪندي احتجاجن طور پڙهڻ ڇڏي ڏنو، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن جمشير مزاري، عطر جکراڻي، اسماعيل سولنگي، عطاء اللہ مزاري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مها ٻوڏ 2010ع کان اسان جي ڳوٺ جو اسڪول زبون حال بڻيل آهي عمارت جي مختلف جڳهن تي وڏا وڏا ڏار پئجي ويا در دريون به ٽٽي اکڙي ويون آهن، ڳوٺاڻن موجب ته 2 سال اڳ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي اسڪول جو دورو ڪيو هو جنهن دوران هن چيو هو ته جلد از جلد ضلعي ئي فنڊ مان اسڪولي عمارت جو مرمت ڪرائي عمارت کي بهتر بڻائيندا سين ليڪن 2 سال گذرڻ باوجود هن پنهنجي وعدي وفا توڙي حڪم تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو ، ڳوٺاڻن موجب ته هن وقت به ساڳيو ئي ڊي سي موجود آهي جنهن ڏانهن لکت ۾ عمارت جي زبون حالي جون شڪايتون ڪيون ويون تنهن باوجود به هو خاموش آهي، ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو ته عمارت جي زبون حالي سبب  تعليم پرائيندڙ اڪثر ٻارڙن اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو ۽ شاگردن چيو ته جيستائين عمارت جو مرمت نه ڪيو ويندو تيستائين تعليم عمل جو بائيڪاٽ آهي، ڳوٺاڻن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه، تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري تعليم کي اپيل ڪئي آهي ته گورنمينٽ پرائمري اسڪول صادق خان مزاري بالاچاڻي جي زبون حال عمارت جو مرمت ڪرائي تعليمي اداري کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي

جهڏي ۾خانگي اسڪول ڪاروباري صنعت ۾ تبديل

جهڏو( ن ع آ) تعلقي ۾ پرائيويٽ اسڪول ڪاروباري صنعت جو ذريعو بڻجي ويو، نجي اسڪول انتظاميه غيرقانوني طور من پسند  فيسون مقرر ڪري ماڻھن کي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ لڳا آهن، اڪثر اسڪولن جي مالڪن ۽ پرنسپال پاران شاگردن جو اسڪولي ڊريس ڪاپيون ڪتاب توڙي ٻين ضروري شين جا دوڪان به اسڪول مالڪن جي ڪميشن عيوض مخصوص ڪيل آهن، جڏهن ته اسڪولن ۾ پڪوڙن سموسن ۽ ٻارڙن جي شين وارا دڪان پڻ اسڪول مالڪن پنهجا کولي ورتا آھن، ذريعن موجب درجنين نجي مڊل اسڪول انتظاميا طرفان وڌيڪ فيس اڳاڙي لاءِ پنجون درجو پاس ڪندڙ شاگردن کي اسڪول ڇڏڻ جو سرٽيفڪيٽ نه ٿو ڏنو وڃي، والدين طرفان وڏي شفارش بعد نجي اسڪول انتظاميا طرفان بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ ڏاڍ جي زور تي سرٽيفيڪيٽ جي 15 سئو کان 2 هزار رپيا غيرقانوني فيس ورتي وڃي ٿي،  بي پاسي ڪيترائي اسڪول زبون حال عمارتن ۽ اڻپوري سهولتن واري بلڊنگن ۾ قائم آهن جنهن سبب ڪيتريون ئي معصوم حياتيون داءُ تي لڳل آهنتعليم کاتي جي اعلي اختيارين، سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مامري جو نوٽيس وٺي هزارين شاگردن جو مستقبل بچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

ميروخان ڀرسان بهترين استادن کي ٽيلينٽ ايوارڊ ڏنا ويا

ميروخان ( ن ع آ  ) ميروخان تعليم ۽ صحت لاء پاڻ پتوڙيندڙ سماجي تنظيم فرينڊس 92 طرفان ڳوٺ ڀنڀو  خان چانڊيو  ۾ ٽيلينٽ ايوارڊ  شو منعقد پوزيشن ھولڊر  شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گولڊ ميڊل ڏيڻ سان گڏ بھترين ڪاردگي ڏيکاريندڙ استادن کي ڀيٽا طور بيسٽ ٽيچرس ايوارڊ  ۾ شيلڊ  تقسيم ڪئي وئي اھڙي قسم جون صحتمند ۽ تعليمي سرگرميون ٿيڻ سان شاگردن ۾ پڙھڻ جو جذبو ۽ اتساھ پيدا ٿيندو فرينڊس 92 جو صدر شاھد حسين چانڊيو تفصيل موجب : تعليم ۽ صحت تي پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪندڙ فرينڊس  92 تنظيم طرفان ڳوٺ رئيس  ڀنڀو  خان چانڊيو  ۾ ٽيلينٽ  ايوارڊ  شو منعقد ڪيو ويو. جنھن ۾ ميروخان تعلقي جي مختلف اسڪولن جي مئٽرڪ  ڪلاس ۾ پوزيشن  حاصل ڪندڙ اھل شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گولڊ ميڊل ڏنا ويا.  گسٽا تعلقي ميروخان  جو صدر محمد يونس چانڊيو, تعلقه آفيسر سيڪنڊري  ايجوڪيشن اياز حسين  چانڊيو, سيڪنڊري  ايجوڪيشن فيميل عبد الله بوھڙ پير عبدالقيوم چانڊيو  ۽ ٻين شرڪت  ڪئي. ميڊيا  سان ڳالھائيندي مھمانن  چيو ته اھڙي  قسم جي صحت مند ۽ تعليمي سرگرمي سان شاگردن ۾ اڃا وڌيڪ پڙهڻ جو جذبو پي ا ٿيندو.

باقراڻي ۾ مڊل اسڪولن جي استادن جي گڏجاڻي، استادن ۾ سامان تقسيم

خير محمد آريجا (ن ع آ)باقراڻي تعلقي جي بوائز باقراڻي هاءِ اسڪول ۾ تعلقي ايجوڪيشن آفيسر (ٽي اي او) احمد عباسي جي  صدارت هيٺ تعلقي جي مختلف اسڪولن باقراڻي خير محمد آريجا ڳيريلو عمر ڀيو مڏباھو هٽي رحيم ٻگهيو پٺاڻ ۽ ٻين اسڪولن جي ھيڊ ماسترن گدا حسين عباسي ممتاز حسين زهراڻي اشتياق احمد پٺاڻ غلام رسول تونيو امتياز علي عباسي فيض محمد ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ تعليم کاتي پاران جاري ڪيل ايس ايم سي فنڊن کي اسڪولن ۾ بهتر نموني خرچ ڪرڻ توڙي ڪووڊ 19 کان استادن ۽ شاگردن کي بچائڻ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺڻ تي غور ويچار ڪيو ويو جڏهن ته ان موقعي تي ٽي اي او رئيس احمد عباسي پاران سمورن اسڪولن جي ھيڊ ماسترن ۾ ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ صابڻ ۽ سينيٽائزر تقسيم ڪيا ويا ان موقعي تي احمد عباسي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت طرفان مليل ڪورونا جو سامان باقراڻي تعلقي جي سمورن هاءِ ۽ مڊل اسڪولن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل ايس ايم سي فنڊ کي بهتر نموني استعمال ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.