ٻيلو شهر ڀرسان نوجوان دڙو بئراج ۾ ٻڏي ويو،لاش نه مليو

ٻيلو شھر ( ن ع آ ) ٻيلو شھر ڀرسان وھندڙ دڙو بئراج ۾ وھنجڻ دوران  پير ترڪڻ ڪري 24 سالا نوجوان حاجي پٽ امامڏنو سوھو بئراج ۾  ڪري ٻوڏي ويو  بئراج تي موجود ماڻھن پاران نوجوان کي ٻڏندو ڏسي ھائي گھوڙا ڪرڻ تي   شھري ۽ آس پاس جي رھواسين جي پھچڻ تائين نوجوان پاڻي ۾  ٻڏي ويو بئراج ۾ تيز ۽ وڏو پاڻي ھئڻ ڪري ڪوبه مقامي ماڻھون بئراج ۾ لاش ڪڍڻ لاء نه لٿو مختلف جاين تا گهرايل ٽوٻا به تيز پاڻي ڏسي پاڻي ۾ نه لٿا اطلاع تي ٻيلو پوليس به پھتي پر ڪنھن به ڄاڻون ٽوٻن جي نه پھچڻ  جي ڪري آخري اطلاع تائين نوجوان جو لاش بئراج مان نه نڪري سگھيو ھو وارثن ساجن سوهو ۽ ٻين ٻڌايو ته نوجوان جي ذھني صلاحيت به صحيح نه هئي هنن پاڪستان نيوي جا ٽوٻا گهرائي ٻوڏي ويل نوجوان جو لاش ڪڍڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.