ٽنڊي باگي ۾ معصوم ڀاءُ ڀيڻ ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت

ٽنڊوباگوت (ت ر) ٽنڊي باگي شھر ۾ ھندوبرادري جي ڏياري عيد ڏھاڙي جي موقعي تي گھر جي ٽانڪي ۾ راند ڪندي ڀاءُ ۽ ڀيڻ فوت  ڏياري جون خوشيون ماتم ۾ تبديل خبر موجب ٽنڊي باگي شھر جي ڀنگي پاڙي ۾ رھندڙ  4 سالن جونينگر اميت ۽ 3 سالن جي نياڻي ڪلپنا گھر جي ڇت واري ٽانڪي تي راند ڪندي ٻڏي فوت ٿي ويا آھن  ٻنھي جا لاش ضروي ڪارروائي بعد تعلقا اسپتال ٽنڊوباگوآڻڻ بعد واپس وارث گھر کڻائي ويا معصومن جا لاش گھر پھڇڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ سندن  ڏياري واريون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون آھن ٻن معصوم ڀاءڀيڻ جالاش کڄڻ تي شهرجوماحول سوگواروٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.