لاڙڪاڻي ڀرسان گم ٿيل نينگر جو کڏ مان لاش هٿ

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان بقاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪرم ککراڻي مان 2 ڏينهن اڳ گم ٿي ويل 14 ورهين جي نينگر علي نواز پٽ  محمد وريام ککراڻي جو لاش ڳوٺ ٻاهران مڇي جي کڏ مان هٿ ڪيو ويو جڏهن ته ڳوٺاڻن پاران اهڙو اطلاع گم ٿيل نينگر جي وارثن کي ڏنو جيڪي لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا رهيا. ان حوالي سان فوتي نينگر جي پيءُ محمد وريام ٻڌايو ته منهنجي پٽ کي مرگهي جو دورو پوندو هو جيڪو 2 ڏينهن اڳ گهران نڪرڻ بعد واپس نه آيو هو جنهن جي گهڻي ڳولا باوجود سندس جو لاش ڳوٺ ٻاهران مڇي جي تلاءُ مان مليو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.