ٽنڊي الهيار لڳ موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، همراهه فوت

ٽنڊو الهيار (ڊ ر) ٽنڊوالھيار چمبڙ مين روڊ تي درگاھ مور فقير وٽ ڪار جو ٻن موٽرسائيڪلن کي زوردار ٽڪر نتيجي ۾  ھڪ موٽرسائيڪل سوار فاضل اسٽاپ واسي جيرام پٽ پوپٽ ڪولھي ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏھن ته ٻئي موٽرسائيڪل سوار ھڪ ئي ڪٽنب جا ڳوٺ صفدر بچاڻي واسي 3 ڄڻا 55 ورھين جو راڻو گھر واري ۽ان جو پٽ فقيرو سخت زخمي ٿي پيا اھڙي اطلاع تي چمبڙ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي۽ زخمين کي کڻائي سول اسپتال آندو ويو جتي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪري ڇڏيو ۽ حادثي ۾ فوت ٿيل جيرام ڪولھي جي ضروري قانوني ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو جڏھن ت پوليس ڪار۽ ڊرائيور کي پنھجي حراست ۾ وٺي ڇڏيو فوتي ٽن ٻارن جو پي ھو فوتي جو 2 ڀينرون ھڪ ڀاء نابين ھئا ۽پي درويش آھي ڪمائڻ وارو پڻ ھي اڪيلو ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.