چوهڙ جمالي ۾ حادثي جو زخمي سياسي ڪارڪن فوت

چوهڙ جمالي ( ن ع آ ) چوهڙ جمالي ۾ ٻه هفتا اڳ بوائز پرائمري اسڪول وٽ موٽر سائيڪل حادثي ۾ زخمي ٿيل پيپلز يوٿ ونگ  تعلقي شاهبندر جي اڳواڻ رياض کٽي جو وڏو ڀاءُ ۽ سياسي سماجي ڪارڪن عزيز کٽي انقلابي جي حالت نازڪ هجڻ ڪري کيس ڪراچي نيو ويو هو جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو سندس مڙھ چوهڙ جئالي جي کٽي محلي ۾ آندو ويو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو سندس جنازي نماز ۾ شھرين سياسي سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي کيس آبائي قبرستان ميران شاھ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جڏھن ته پونئيرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.