ٿاڻي بولا خان لڳ مزدا ڪلٽي، عورت ۽ ٻارڙن سميت 6 زخمي

ٿاڻوبولاخان ( ن  ع آ ) ٿاڻوبولاخان ويجهو پوليس چوڪي نمبر11وٽ مزدا ڪلٽي ٿي  پئي جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن  سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ عاشق پالاري ، سومر پالاري، محمد علي پالاري ، مسمات حوي پالاري، مسمات گلي پالاري شامل، سمورن زخمين جو تعلق پالاري برادريَ سان آهي، حادثي جي زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتي ايمرجنسي ۾ انهن زخمين جو علاج ڪيو پيو وڃي، هي ڳوٺ آچر پالاري کان لڏو کڻي حيدرآباد طرف وڃي رهيا هئا ته ساڻن حادثو پيش آيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.