روهڙي لڳ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ، ماءُ ۽ ڌيءُ زخمي

سکر(رپورٽر)روهڙي تعلقي جي دبر ٿاڻي جي حد ڪنڊي فارم لڳ ڳوٺ ميتلا جي رهواسي پوليس اهلڪار ڀورل ميتلو گهر ڀاتين سان  گڏ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته سنڱاوتي مامري تان سندس سڳي مامي پوليس اهلڪار محمد تڳيل ميتلو صبح جو سوير گهر ۾ داخل ٿي گهر ڀاتين مٿان  فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ مسمات بشيران زال عاشق علي ۽ بختاور ڌيءَ عاشق علي زخمي ٿي پيون جنهن بعد جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏيڻ بعد فرار ٿي ويو واقعي جي رپورٽ حد ٿاڻي تي داخل ڪرائي آھي پر جوابدار خلاف ڪاروائي ناهي ٿي جنهن ڪري مون سميت ٻين گهر ڀاتين کي جوابدار مان خطرو آھي، هنن ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر کان گهر ڪئي آھي ته جوابدار پوليس اهلڪار کي گرفتار ڪرائي وڌيڪ جاني مالي نقصان ٿيڻ کان بچائي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.