ڪراچي جلسي مان ٺٽي موٽندڙن کي رينجرز روڪي ورتو

ٺٽو(بيورو چيف) ڪراچي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي احتجاجي ريلي ۾ شرڪت بعد واپس موٽندڙ پورھيت مزاحمت ٺٽي جي قافلي کي  گھگھر چيڪ پوسٽ تي رينجرز وارن روڪي ڪارڪنن جي گھڻي تذليل ڪئي آھي. پورھيت مزاحمت جي مرڪزي اڳواڻ مسرور شاھ. پورھيت مزاحمت جي مرڪزي اڳواڻن مسرور شاھ ۽ مھراڻ ميمڻ پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي تہ ڪراچي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي احتجاجي ريلي ۾ شرڪت بعد واپس موٽندڙ پورھيت مزاحمت ٺٽو جي قافلي کي گھگھر چيڪ پوسٽ تي   رينجرز اھلڪارن روڪي سخت تذليل جو نشانو بڻائڻ بعد رينجرز اھلڪارن پاران وين تي لڳل جھنڊن کي اڇلايو ويو ۽ لائن ۾ بيھاري ايئن تلاشي ورتائون ڄڻ ڪو ڌاڙيل يا دھشتگرد ھجن. ھنن چيو تہ ان تذليل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي ۽ احتجاج ڪيو ويندو، ھن معاملي تي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي پليٽفارم تان پڻ آواز بلند ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.