ڪوٽڏيجي لڳ بدامني، موٽر سائيڪلون ۽ مينهن چوري

ڪوٽڏيجي ( ن ع آ )  ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ۾ بدامني جي باھ ٻيهر ڀڙڪي اٿي چوري ۽ ڦورن روز جو معمول بڻيل  ڪوٽڏيجي  پوليس بدامني تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام گذريل رات ڇوڏاهو پوليس چونڪي ڀرسان ڳوٺ رحيم بخش جتوئي مان هڪ رات ۾ 2 ڌار ڌار چوري جون وارداتون نامعلوم  چورن پاران  ڳوٺاڻي مولوي اسدالله جتوئي جي گهر مان ڀلوڙ قسم جو لکين رپين جي ماليت جو مينهن ڪاهي فرار ٿي ويا ۽ ساڳئي ڳوٺ مان ڳوٺاڻي عبدالغني جتوئي جي گهر مان لکين روپين جا سونا زيور روڪ رقم سولر پليٽ پنکا چوري ڪري فرار ٿي ويا هوڏانهن ڪوٽبنگلو  شھر مان نامعلوم چاٻي چور مستري لطيف ڏنو لنڊ جي در اڳيان بيٺل موٽر سائيڪل ڪاھي آساني سان فرار ٿي ويا ياد رهي ته گذريل ڏينهن به ڪوٽبنگلو شھر نامعلوم چاٻي چور سفر گوپانگ جي سي ڊي موٽر سائيڪل ڪاهي فرار ٿي ويا هئا شهرين پاران ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته شهر ۾ وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺي شهر ۾ گشت وڌائي شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.