ڊرگهه بالا لڳ بدامني، موٽر سائيڪل ڦر، مزاحمت، تشدد، زخمي

ڊرگهه بالا ( ن ع آ ) ڪاڇي جو ڳوٺ چارڪوث جي رھواسي  عبدالحميد  ۽  امجد علي لغاري جوهي  کان ڳوٺ  وڃي رهيا هئا ته  جوهي  لڳ  سلوپ واري موري وٽ  8 کان وڌيڪ هٿيار بندن  رستا روڪ ڪري موٽر سائيڪل ڦر جي ڪوشش ڪئي مزاحمت دوران عبدالحميد  لغاري کي  سخت تشدد ڪندي   زخمي ڪري مٿي ۾ ڌڪ هڻي  ساڄي  ٻانهن ڀڃي وڌي، بعد ۾ ھٿيار بند موٽر سائيڪل روڪ رقم ۽ موبائل سيٽ ڦر ڪري فرار ٿي ويا   بعد ۾  زخمي جي نوجوان پٽ امجد علي لغاري  زخمي پيءُ  کي  رڙيون ڪندو  جوهي  بئراج تي پهتو جتي  جوهي  پوليس زخمي عبدالحميد لغاري ۽ سندس پٽ کي تعلقي اسپتال جوهي پهچايو جتي زخمي  جي مرهم پٽي ڪري اسپتال ۾  داخل ڪرايو ويو آھي. , ڦر دوران  20 هزار روڪ ٻه موبائل سيٽ ڦري ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.