ٽنڊي محمد خان ۾ گهر کي باهه، الهه تلهه رک

ٽنڊومحمدخان (ڊر) ٽنڊومحمدخان شهر جي بهراڻي پاڙي جي رهواسي سيد پناهه شاهه جي گهر کي  بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان اوچتو  باهه وڪوڙي وئي جنهن جي نتيجي ۾ گهر ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو پاڙي وارن جي اطلاع تي فائر برگيڊ گاڏي واقعي واري هنڌ پهچي 2 ڪلاڪن جي سخت جدوجهد بعد باهه تي ضابطو آندو ، سيد پناهه شاهه صحافين کي ٻڌايو ته گهر ڀاتي شادي جي دعوت ۾ ٻاهر ويل هئا ته اوچتو گهر ۾ باهه لڳي وئي جنهن ۾ اساني جي گهر جو الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو آهي هن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته سمورو گهر جو سامان سڙي ويو منهنجي مالي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.