ڇاڇري لڳ باهه، گهر ۽ اٽي جي چڪي رک

ڇاڇرو( ت ر) ڇاڇرو جي ڳوٺ ڪاگيا ۾ ڏيئاري جي ڦٽاڪن  مان باھ لڳڻ سبب هڪ گهر ۽  اٽي جي چڪي سڙي رک.خبر موجب :ڇاڇرو  جي ڳوٺ ڪاگيا واسي چندر پٽ هرڻات ميگهواڙ جي ڪکائين لانڊي ۾ ڊياري جو ٻرندڙ ڦٽاڪو ڪرڻ سبب باه  لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾  لانڍي ۾ لڳل  اٽي جي چڪي  ۽ اندر رکيل ڪڻڪ جون ٻوريون سڙي رک جو ڍير بڻجي ويون باھ لڳڻ جو فوري طور ڳوٺاڻن ڇاڇرو ٽائون ڪميٽي کي اطلاع ڪيو پر ٽائون ڪاميٽي انتظاميا فائر برگيڊ گاڏي نه موڪلي جنهن سبب سمورو گهر سڙي ڪوئلو ٿي ويو ۽  باه متاثر کان  ڏياري جون خوشيون به  کسجي ويون  متاثر غريب پورهيت روئيندي صحافين کي ٻڌايو تي منهنجي روزگار ۽ سفر گذر جو واحد ذريعو  اٽي جي چڪي هئي جيڪا سڙي رک ٿي ويو آهي انتهائي پريشان آهيان ضلعي انتظاميا ۽ سرندي وارا واهر ڪن جئين آئون پنهنجو روزگار ٻيهر ڪري سگهان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.