جونگل ويجهو ساريالي فصل جي ديري کي باهه

جونگل (ن ع آ) جونگل لڳ بجلي جي تارن مان ساريالي فصل جي ديري کي باهه لڳي وئي. جونگل جي ڳوٺ ترن بنگلاڻي ۾ فيض محمد  بنگلاڻي ۽ غلام حسين لاشاري جي 6 ايڪڙ ساريالي فصل جي ديري کي 11 هزار ڪي وي وولٽيج جي تارن مان باهه وڪوڙي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ 300 مڻ کان وڌيڪ ان سڙي رک ٿي ويو. ڳوٺاڻن طرفان فائر برگيڊ عملي کي اطلاع ڏيڻ باوجود انتظاميا عملو نه پهتو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.