سنڌ هن وقت گهڻ طرفي گهيري ۾ آهي:اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي جي 52ھين سالگرھ جون مختلف شھرن ۾ تقريبون ڪري ڪيڪ  ڪاٽيا ويا. حيدرآباد ۾ انڊس پھاڙي تي نظاماڻي ھائوس تي تقريب ۾ اياز لطيف پليجو شريڪ ٿي پنھنجي جنم جو ڪيڪ ڪاٽيو، ساٿي مصطفيَ نظاماڻي ۽ قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد طرفان منعقد تقريب ۾ ڊاڪٽر گلزار جماڻي، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، آغا عباس، زينت سمون، درشن سچديو، عزيز نظاماڻي، خورشيد شيخ سميت مختلف اديبن، وڪيلن، صحافين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي انڊس ھوٽل حيدرآباد ۾ اياز لطيف پليجو جي سالگرھ، نامور قلمڪار ذوالفقار ھاليپوٽو، ذوالفقار قادري، رزاق عمراڻي ۽ سندن سٿ پاران ملھائي وئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر علي رضا ميرجت، ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، نصير مرزا، ذوالفقار ھاليپوٽو،  پروفيسر محمد اسماعيل ڪنڀر،  ذوالفقار قادري، رزاق عمراڻي، رئوف چانڊيو، ايم پرڪاش ايڊووڪيٽ، ڪاشف صديقي، دادن ڪلھوڙو، خالد ٻٻر، انو سولنگي، جواد مڱريو، اشرف بلوچ، جنيد ڏاھري، آڪاش انصاري ۽ ٻين سول سوسائٽي اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ اياز لطيف پليجو کي اجرڪون، گُل ۽ تحفا پيش ڪيا. تقريب کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ زندگي ۾ ھر چئلينجن جو ميرٽ ذريعي مقابلو ڪيو. سنڌ ھر وقت واڳن جي گھيري ۾ آھي، تعليم کانسواءِ اسين سنڌ کي بچائي نٿا سگھون. نوجوانن وٽ اڳتي وڌڻ جا 2 رستا تعليم ۽ سياست آھي. ڪرپٽ، دھشتگرد، انتھاپسند ۽ عوام دشمن جاگيردار سياست کي پنھنجن مفادن لاءِ استعمال ڪري رھيا آھن، وطن دوست، عوام دوست، علم دوست ۽ انسان دوست ماڻھو اڳتي اچي دو نمبر ماڻھن کان سياست جو ميدان ڦري وٺن. تعليم، صحت، ترقي، روزگار سميت ھر معاملو سياست سان جڙيل آھي. سنڌ جي بقا جو واحد رستو سياست ۽ تعليم آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.