منهڙو لڳ ڏوهارين جي ڪار تي فائرنگ، ڊائيور مارجي ويو، لاش رکي ڌرڻو

منهڙو ( ن ع آ ) منھڙو ويجھو ٻانڌي مورو روڊ تي ٽموڙ اسٽاپ وٽ مورو کان شادي تقريب تان واپس موٽندڙ ڪار کي 4 نامعلوم  ھٿياربندن روڪڻ جي ڪوشش ڪئي نه بيھارڻ تي ڪار مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب ڳوٺ محمد ايوب ڪيريو واسي ڪار ڊرائيور نوجوان انصاف علي ولد عزيز الله ڪيريو گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويو قتل ٿي ويو، ويل نوجوان انصاف علي ڪيريو ٽيڪسي ڊرائيور هو جيڪو ڳوٺ چنڱل ڏاھري کان مورو سواري کڻي ويو ھو جتان واپس ڳوٺ اچي رهيا هئا ته ڏوهارين گوليون هنيون، ٻئي پاسي نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف  نامعلوم ھٿياربندن فائرنگ ڪئي ڏوھارين گوليون ھڻڻ کانپوءِ ڪار سوارن کان روق رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته اطلاع ملڻ تي مورو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقا اسپتال مورو پھچايو جتان قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، مير ڪيريو، اڪرم ڪيريو، غلام عباس ڪيريو، جان محمد ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پير شھمير لنڪ روڊ تي نوجوان جو لاش رکي احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪندي فوري مک جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ٻئي پاسي شڪ ۾ هڪ موٽرسائيڪل ۽ پنجن ڄڻن کي شڪ تي گرفتار ڪري مورو ٿاڻي تي لاڪ اب ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.