ڪتاب جهالت کي ختم ڪندا آهن:گل حسن ڪلمتي

کوکراپار( رپورٽ: عنايت قمبراڻي ) شاعر،اديب  ،دانشور ۽ کاهوڙي قومي ڪارڪن  مومن مليرائي جا نالي سان  مراد ميمڻ  ڳوٺ ۾ قائم  مومن مليرائي لائبريري ۽ ملير جي جاکوڙي صحافي سان منصوب بابا اڪبر ميموريل هال جي افتتاحي تقريب ڪوٺائي ويئي جنهن ۾ ڪراچي ملير سميت سموري سنڌ مان  سياسي، سماجي، اديب ليکڪ، شاعر، صحافين سميت سياسي  سماجي اڳواڻن  وڏي تعداد ۾شرڪت ڪئي  ملير جي نامياري سياسي سماجي شّخصيت قادر بخش ڪلمتي خاص مهمان طور پٽي ڪٽي لائبريري ۽ هال جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي  سينيئر سياستدان اڳوڻو ايم اين اي حڪيم بلوچ،تاريخدان گل حسن ڪلمتي ،محمد يوسف بلوچ،شاعره اديب ياسمين چانڊيو، ڪالم نويس جاويد مهر ، اڳوڻو ڊي آئي جي خميسو خان ميمڻ،وڏيرو منظور ميمڻ،ابو بڪر ميمڻ،اي ڪي يونس خاصخيلي ايم ايس محمد صالح  ڏيپر ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا . افتتاح جي خوشي ۾ انتظاميا طرفان سمورن مهمانن ۾مٺائي ورهائي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان اجرڪن جا تحفا پڻ  ڏنا ويا ان موقعي تي تقريب کي خاص خطاب ڪندي قادر بخش ڪملتي چيو ته لائبريون علم، ادب،ساڃھ ۽ عقل جو کاڻ  هونديون آهن ۽ ڪتاب جهالت جي اونڌاهي ۾ لاٽ جو ڪم ڪن ٿا جن جي مطالعي سان ئي دنيا ۾ عزت،ترقي ۽ امن قائم ٿي سگهي ٿوهن چيو ته ميمڻ ڳوٺ۾ لائبريري قائم ڪري ملير ۾ علمي ۽ ادبي ،تحقيقي ۽ بنيادي انساني حقن جي حاصلات جي تحريڪ جو بنياد وڌو آهي ملير اهڙو ضلعو آهي جتي نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا نه ملي سگهيا آهن.  هتي جي سياستدانن مسئلا ته حل نه ڪيا پر مليرجي محروم ماڻهن کي سهڻا خواب به ڏنا آهن پر هاڻ دور بدلجي پيو ماڻهو سوچين پيا پڙهن پيا وقت ڦري پيو تبديلي اڻ ٽر  ٿي ويئي آهي ،حڪيم بلوچ چيو ت ه  مومن مليرائي جي نالي سان لائبري قائم ڪرڻ سارھ جوڳو ڪم آهي اميد ڪري سگهجي ٿي ماڻهو لائبريرين مان لاڀ حاصل ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.