ٽنڊو مستي لڳ ڪار جو ٽريڪٽر سان ٽڪر، عورت ۽ ٻارڙي سميت 4 زخمي

ٽنڊومستي (ن ع آ)  ٽنڊومستي قومي شاھراھ لالي ماما هوٽل وٽ مورو کان پنجاب ويندڙ ڪٽمب سان حادثو ڪار جو  بهه سان ڀريل  ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر نتيجي ۾  شير علي ، عبدالرئوف آرائين ،عورت سڪينه  ۽ ٻارڙي ڪنزا سخت زخمي کين علاج لاءِ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو هوڏانهن ٽريڪٽر کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

باڊهه ۾ ڇوڪرين سان ڇيڙڇاڙ ڪندڙ جوابدار سوگهو

باڊھ (ن ع آ ) اسڪول ايندڙ ويندڙ شاگرياڻين کي ڇيڙيندڙ  اڌڙوٽ  شخص احمد ماڇي کي شھرين پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. شھرين عبدالفتاح ڪولاچي, راجه ڪوري ۽ ٻين ٻڌايو ته مذڪوره شخص مسلسل اسڪول ٽائيم تي ايندڙ  ويندڙ شاگردياڻين کي تنگ ڪندو رهندو هو, ڪافي دفعا منع ڪرڻ باوهود به هو باز نه آيو. جڏغن ته اڄ پاڙي جي هڪ معصوم ڇوڪري کي حراسان ڪري رهيو هو ته کيس پڪڙي پوليس حوالي ڪيوسين. شھرين ايس ايس پي لاڙڪاڻو, ڊي ايس پي ڏوڪري, ايس ايچ او باڊھ کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته شھر جي گرلز اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ايندڙ ويندڙ رستن ۽ انهن جي سامهون پوليس گشت سان گڏ پوليس پڪٽون قائم ڪري اوباش ڇوڪرن ۽  لوفرن جي رستا روڪ ڪئي وڃي, ته جيئن نياڻيون بلاخوف تعليم پرائي سگهن. ان ڏس ۾ باڊھ پريس ڪلب جي هڪ وفد صدر زيب علي ساريو, نظام ڪولاچي , نبي رضا بلوچ, مظهر نوشاد  ٿاڻي تي پهتي, ايس ايچ او جي عدم موجودگي سبب  وڏي منشي طالب حسين ڪسر سان ملاقات ڪئي, جنهن اڄ کان باقاعدگي سان گرلز ڊگري ڪاليج توڙي گرلز اسڪولن ٻاهران پوليس اهلڪار بيهارڻ توڙي پوليس گشت وڌائڻ جو يقين ڏياريو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.