ڏهرڪي ۾پوليس جو صحافي کي کنڀي تشدد، ڌرڻو، اهلڪار ميڙ وٺي پهتو

ڏهرڪي (رپورٽ: اسد لغاري) هڪ رات اڳ ڏهرڪي سينئر صحافي اعظم سهرياڻي ڏهرڪي ۾ پوليس پاران جڙتو مقابلي ۾ هاف فراءِ ٿيل نوجوان غلام مصطفيٰ ميراڻي جي خبر گڏ ڪرڻ لاءِ پهچڻ بعد ايس ايڇ او  صدورو لاشاري صحافي تي ڏمرجي پيو ۽ صحافي مٿان تشدد ڪري کنڀيو ويو جنهن بعد روڊ تي ڦٽو ڪيو ويو ،اهڙي وقعي خلاف گهوٽڪي  ضلع جا صحافي سراپا احتجاج بڻجي ڏهرڪي ٿاڻي تي پهچي احتجاج ڪندي چئن ڪلاڪن تائين ٿاڻي آڏو ڌرڻو هيو جتي صحافين اسد پتافي، اگن شر، عمران آصف نيازي، اسد لغاري، طاهر عباس، ماجد سنگهڙ، ڄام معشوق سيمجو، مظهر چاچڙ،آدم پتافي، حاڪم ابڙو، شاد مهر، نظير ٿهيم، عزيز ملڪ، لياقت اعواڻ، پير بخش  راڄڙي، ڊيوڊ لطيفي، تنوير مهر، سائل قاضي، اشرف مغل، اسلم ملڪ، نظير ملڪ، واحد ملڪ، عبدالحي ڇڄڻ، عامر چنه، مقبول بوزادر ۽ ٻين ان کان علاوه ن ليگ ليڊيز ونگ ضلعي گهوٽڪي جون عورتون هير علوي، سيما چانڊيو، ڪائنات بلوچ، ڪرن اعواڻ ۽ نجمه سومرو سميت عورتون به احتجاج ۾ شامل ٿي ويون.  جنهن بعد ڊي ايس پي اوٻاوڙو شريف عباسي، ايس ايڇ او اوٻاوڙو، ايس ايڇ او ريتي ۽ ٻين ڏهرڪي ٿاڻي تي پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري ٻن ڪلاڪن جي مهلت گهري ورتي، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ڌرڻي کان پوء ڪجهه ئي دير ۾ ايس ايڇ او صدورو لاشاري ،ڊي ايس پي اوٻاوڙو شريف عباسي ۽ ٻين ايس ايڇ اوز کي ميڙ وٺي ڏهرڪي پريس ڪلب پهتو ۽ چيو ته غلطي جي معافي ڏني وڃي جنهن بعد صحافين پاران ميڙ کي مان ڏيندي ايس ايڇ او جي ڪيل غلطي جي ايس ايڇ او کي معافي ڏئي ڇڏي صحافين پاران اڄ ايس ايس پي آفيس آڏو ڏنل  ڌرڻي وارو سڏ واپس وٺي ڇڏيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.