ڏهرڪي ويجهو سميجا برادري ۾ تڪرار، 5 ڄڻا زخمي

ڏھرڪي (ت ر)ڏهرڪي جي مصطفي آباد ڪالوني اندر سميجا برادري ۾ پراڻي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو جنھن ۾ لٺين جي ڌڪن  سبب  5 ڄڻا ساله الله جيوائي غلام علي. احمد علي. عبدالرزاق. غلام النبي زخمي ٿي پيا آھن جن کي سرڪاري اسپتاح ۾ علاج لاءِ آندو ويو اھڙي واقعي جي ابتدائي رپورٽ ڏھرڪي ٿاڻي تا داخل ڪئي وئي آھي.

دائوجهانپور ويجهو بلوچستان پوليس جي چڙهائي، 2 روپوش جوابدار گرفتار

دائوجهانپور (ن ع آ) دائوجهانپور ويجهو ڳوٺ ڄام ايري تي رات دير سان  بلوچستان  جي ڊيرا مراد جمالي پوليس جي ڊي ايس پي منجهوشوري غلام سرور گولو جي اڳواڻي ۾ 8 موبائيلن ۾ سوار اهلڪارن ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ٻن روپوش جوابدارن وزير سپرا ۽ نصيب الله سپرا کي گرفتار ڪري کڻي ويو، رابطو ڪرڻ تي دوداپور پوليس ٻڌايو ته ڳوٺ تي بلوچستان جي ڊيرامراد جمالي پوليس چڙهائي ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار کڻي ويا آهن دوداپور پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته گرفتار ٿيل جوابدار بلوچستان صوبي جي مختلف ضلعن ۾ سنگين ڪيسن ۾ گهربل آهن جيڪو ڪجهه مهينا اڳ اتان ڇڏي هتي اچي رهيا هئا خفيا اطلاع ملڻ تي بلوچستان پوليس ڪاروائي ڪري جوابدار گرفتار ڪيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.