راڻيپور لڳ چوري ٿيل ڪار واپس نه ٿي، پوليس خاموش

راڻيپور (ن ع آ ) راڻيپور ۾ قومي شاهراھ لڳ الرحمان سي اين جي ڀرسان قائم ڪيل سروس اسٽيشن مالڪ ڳوٺ گٺ جي رهائشي  سليم راڄپر جي چوري ٿيل ڪار واپس نه ٿي، ڪجهه ڏينهن اڳ صحافي بدرالدين ابڙو جي به الٽو ڪار هٿياربندن هٿان ڦر ٿي وئي جنهن واقعي جي اين سي داخل پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪئي،

ٺري پوليس جي ڪارروائي، موبائيلن سميت چور گرفتار

ٺري ميرواهه (  ت ر ) ميرواهه ٿاڻي جي ايس ايڇ او درياءُ خان جتوئي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو اسان ٺري ميرواهه جي عوام جي جان مال جا محافظ آهيون اسن ڪنهن به  ڏوهاري بخش نه ڪنداسون مان عوام کي اپيل ٿو ڪريان ته پوليس جو مڪمل ساٿ ڏين ۽ ڪٿي به ڏوهه ٿين ته اسان کي فوري طور اطلاع ڏين ته جيئن اسان ڪاروائي ڪري سگهون جنهن بعد هن چيو ته تارڪو وڏو ۾ ڪجهه ڏينهن پهريان موبائيل جي دوڪان جي ڇت ٽوڙي موبائيلون ۽ روڪ رقم چوري ڪري چور فرار ٿي ويا جنهن جي رپورٽ ميرواهه ٿاڻي تي درج ڪرائي هئي ۽ دوڪان مالڪ نبيداد ٻانڀڻ جي فرياد تي ارشاد علي ٻانڀڻ ۽ پرويز علي ٻانڀڻ تي ٺري ميرواهه ٿاڻي تي ايف آئي آر درج ڪئي ان کان پوءِ اسان پنهنجي ڪاروائي ڪندي چورن کي موبائيلن سميت گرفتار ڪيو آهي جنهن مان ان وٽان 10 موبائيلون واپس ڪيون ويون آهن .

گستاخ خاڪن خلاف جيڪب آباد ۾ اهلسنت پاران ريلي،احتجاج

جيڪب آباد(ڊر) جيڪب آباد ۾ اتحاد اهلسنت طرفان فرانس ۾گستاخ خاڪا شايع ڪرڻ خلاف سيد عبدالنبي شاهه جامع مسجد  کان چيئرمين ۽ قاضي شهر سيد اعجاز علي شاهه جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي جنهن ۾ مولانا محمد اسماعيل سڪندري. مولانا نيج محمد عبدالغفار قادري ۽ٻين علماء اڪرامن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي شهر جي مک رستن تان ٿيندي ڊي سي چوڪ پهتي جتي سوين ماڻهن فرانس جي صدر خلاف اڀ ڏاريندڙ نعري بازي ڪئي انهي موقعي اڳواڻن چيو ته فرانس گستاخ خاڪا جاري ڪري دنيا ۾ رهندڙ مسلمانن جي دل آزاري ڪئي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.