حيدرآباد ۾مهانگائي بي قابو، غريب شهري پريشان، انتظاميا تماشائي

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ منافعي خورن پاران ڪيل مهانگائي تي ضلعي انتظاميا ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، شهري  65 کان 70 روپين ۾ في ڪلو ڪڻڪ جو اٽو، 110 روپيا کنڊ ڪلو، 110 کير وٺڻ تي مجبور بڻيل، جڏهن ته 30 لک آبادي واري شهر حيدرآباد ۾ شهرين کي ضلعي انتظاميا طرفان هڪ گرائونڊ ۾ لڳايل بچت بازار مان به لاڀ حاصل نه ڪري سگهيا، بچت بازار ۾ رکيل سامان وقت کان اڳ ئي ختم ٿيڻ ڪري شهري هٿي خالي گهرن ڏانهن هليا ويا، جڏهن ته عام شهرين هن وقت به منافعي خورن جي هٿان ڦرجڻ لڳو. شهرين پاران انتظاميه جي اهڙي عمل تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته حيدرآباد جي شهرين توڙي عام پورهيتن کي مهنگائي کان بچائڻ لاءِ مستقل طور تي منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. حيدرآباد ضلعي اندر گذريل ڪيترن مهينن کان مهانگائي جي هٿرادو آندل طوفان تي ضلعي انتظاميا قابو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃڻ کانپوءِ شهرين کي لالي پوپ ڏئي ڪالهه لطيف آباد 8 نمبر جي  گه گرائونڊ ۾ ڪجهه دڪان لڳائي بچت بازار جو نالو ڏنوويو، جڏهن ته انتظاميا جي لڳل بازار ۾ پيل سامان  ٿورو هجڻ ڪري منجهند کان اڳ ئي ختم ٿي ويو ۽ شهر جي مختلف علائقن کان سستي خريداري لاءِ ايندڙ عورتون ۽ پورهيت بغير ڪجهه وٺڻ جي واپس هليا ويا. جڏهن ته ان سلسلي ۾ شهرين جو چوڻ آهي ته حيدرآباد سٽي تعلقو، لطيف آباد ۽ قاسم آباد جي 30 لک کان وڌيڪ آبادي آهي اتي چند دڪان لڳايا ويا آهن. جڏهن ته لڳل استالن تي  ڪڻڪ جي اٽي بدران فلور ملن جو اٽو رکيو ويو. کنڊ جي ڪوالٽي به بهتر ناهي. اهڙي طرح عام شين جي ڪا به ڪوالٽي نظر نه آئي. شهرين مطالبو ڪيو ته بچت بازار سان گڏ دڪانن تي روز  جي استعمال وارين شين جا اگهه گهٽ ڪري شهرين کي منافعي خورن جي هٿان ڦرڻ کان بچايو وڃي.

شادي پلي ۾هٿرادو مهانگائي جو طوفان، شهري ماني لاءِ به پريشان

شادي پلي(ن ع آ ) شادي پلي ۽ ڀرپاسي جي علائقن پراڻي شادي پلي ۔ سائينداد اسٽيشن ۔ موڙ ۔ سعدڪي شاخ ۔ پريشان موڙ سميت مختلف ڳوٺن ۾ منافعي خور واپارين هٿرادو مهانگائي ڪري ڇڏي آهي ۔ جنهنڪري غريب  ۽ وچولي طبقي جي ماڻھن جو جيئن جنجال بڻجي ويو آهي ۔ ڪڻڪ جي کوٽ کانپوء شھر جي اڪثر علائقن ۾ وڏن واپارين پنهنجا گودام ڀري ڇڏيا آهن ۔ جنهن کانپوء ڪڻڪ جي کوٽ جو جواز ڄاڻائي اڳ 40 رپيا وڪرو ٿيندڙ اٽو هن وقت 60 کان 70 روپيا في ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي ۔ ان کان علاوه چانورن جي مختلف قسمن تي به منافعي خور واپارين مهانگائي جا ليبل لڳائي ڇڏيا آھن ۔ ٽوٽا چانور جيڪو 40 کان 50 روپيه في ڪلو وڪرو ٿيندو هو هن وقت منافعي خور واپارين جي هڪ هٽي سبب 70 کان 80 روپيه في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آھن ۔ جڏهن ته سيلا ۔ ڪرنل ۔ بناسپتي ۽ ٻين چانورن جي اگهن ۾ ھٿرادو واڌ ڪئي وئي آهي ۔ ان کان علاوه گيھ ۔ آئل ۔ کنڊ .  پتي ۔ مرچ ۔ لوڻ ۔مصالحن توڙي ٻين کاڌي پيتي جي شين جا به ٻيڻا اگھ مقرر ڪيا ويا آھن ۔ ان کان علاوه مڇي توڙي ننڍي ۽ وڏي گوشت سميت مرغي جي گوشت جي قيمتن ۾ رڪارڊ اضافو ڪيو ويو آهي ۔ جڏھن ته سبزين جا اگھ به آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آھن ۔ ڪريلا 90 ۔ پالڪ 100 . گوار 100 بصر 70 . چنورا 90 . گوبي 80 . واڱڻ 70 . پٽاٽا 80 . ٽماٽا 250 . ڀينڊي 100. موري 70 ۽ ٻيون سبزيون به هٿرادو مهانگي اگھ تي وڪرو ٿي رهيون آھن ۔ جنهن جي نتيجي ۾ غريب عوام لاء ٻه ويلا ماني کائڻ به محال بڻيل آهي معاملي جو نوٽس وٺي مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

لاڙڪاڻي ۾ مهانگائي چوٽ چڙهي وئي، پورهيت ويلي لاءِ پريشان، دڪانن تي ڇاپا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ مهانگائي اگهه تي اٽو، سبزيون ۽ ڀاڄيون وڪرو ڪندڙن خلاف ضلعي انتظاميه جي ڪاروائي، اٽي جي چڪي،  ڪرياني دڪانن ۽ ريڙهن وارن مٿان ڏنڊ هڻي کين سستي اگهه تي شيون وڪرو ڪرڻ جي سختيءَ سان هدايت ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي جي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو پاران پوليس سان گڏجي شهر جي باقراڻي روڊ ۽ مڇي مارڪيٽ روڊ تي مهانگائي اگهه تي شيون ۽ سبزيون وڪرو ڪندڙن ريڙهي وارن ۽ دڪاندارن خلاف ڪاروائي ڪئي جنهن دوران هن مهانگائي اگهه تي اٽو وڪرو ڪرڻ تي اٽي جي چڪي جي مالڪ مٿان 2 هزار روپيه، ڪرياني جي ٽن دڪاندارن مٿان مهانگي اگهه تي اٽو وڪرو ڪرڻ تي 2، 2 هزار روپيه جڏهن ته سبزيون ۽ ڀاڄيون وڪرو ڪندڙ 10 کان وڌيڪ دڪاندارن مٿان 12 هزار ڏنڊ لڳائي کين هدايت ڪئي ته هو مارڪيٽ ڪاميٽي طرفان طئي ٿيل اگهن تي عام واهپي جون شيون ۽ سبزيون وڪرو ڪن ٻي صورت سندن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.  ان حوالي سان اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو ٻڌايو ته ڪرياني جي دڪانن تي اٽو جڏهن ته ريڙهن وارن طرفان سبزيون ۽ ڀاڄيون مهانگي اگهه تي سبزيون وڪرون ڪيون پيون وڃن جن خلاف اهڙي ڪاروائي ڪندي مجموعي طور تي 20 هزار روپين جو ڏنڊ لڳايو ويو آهي جيڪڏهن ڪنهن به دڪاندار اضافي اگهه وصول ڪيا ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

حيدرآباد ۾ بچت بازار، خريدارن جي رش

حيدرآباد (رپورٽر) ايم پي اي عبدالجبار خان چيو آهي ته مهانگائي جي هن دور ۾ ضلعي انتظاميا پاران حيدرآباد جي شهرين کي  رليف فراهم ڪرڻ لاءِ بچت بازار منعقد ڪرڻ انتهائي بهترين قدم آهي ڇاڪاڻ ته وڌندڙ مهانگائي غريب عوام جو جيئڻ ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي، ضلعي انتظاميا حيدرآباد پاران مصطفيٰ پارڪ لطيف آباد نمبر 8 ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو سان گڏ بچت بازار جو  افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي ايم پي اي عبدالجبار خان چيو ته اميد آهي ته ضلعي انتظاميا عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ مستقبل ۾ به اهڙا بچت بازار لڳائيندي رهندي. هن ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ۽ سندس سٿ کي ڪامياب بچت بازار لڳائڻ تي مبارڪباد ڏني، ڊي سي حيدرآباد فواد غفار سومرو چيو ته ضلعي انتظاميا مهانگائي توڙي ٻين عوامي مسئلن جي حل لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي ۽ اڄ لطيف آباد ۽ تعلقي ٻهراڙي ۾ بچت بازار منعقد ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته بچت بازارون منعقد ڪرڻ جو اهو سلسلو ضلعي جي سمورن تعلقن ۾ شروع ڪيو ويندو ۽ هر هفتي آچر جي ڏينهن هر تعلقي ۾ بچت بازارون لڳائي عوام کي روزمره جون شيون مارڪيٽ کان سستي اگهن تي فراهم ڪيون وينديون. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر لطيف آباد اشتياق علي منگي، مختيارڪارلطيف آباد ماجد علي سپيو کان علاوه واپاري ڪميونٽي جا اڳواڻ ۽ ٻيا پڻ اتي موجود هئا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.