شڪارپور ڀرسان ٽرالر ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر،4 ڄڻا زخمي

شڪارپور (ڊ ر )  گذريل ڏينهن خانپور ٿاڻي جي حد انڊس هاء ويڳوٺ حاجي خواستي لڳ  تيز رفتار ٽرالر جي ٽريڪٽر سان زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ رحمآ۾باد علائقي واسي 4 ڄڻا حاڪم علي پهوڙ۔ خليل احمد پهوڙ۔ نثار احمد پهوڙ۔ ۽ عبدالوحيد پهوڙ شديد زخمي ٿي پيا۔ حادثي واري واقعي جي اطلاع خانپور پوليس کي ملي  ته پوليس ۽ علائقي واسين زخمينن کي کڻائي خانپور اسپتال پهچايو۔ زخمين حالت ڳڻتي جوڳي هئي جڏينهن ته اسپتال ۾ زخمين جي علاج لاء ڪنهن قسم جي سهولت نه آھي ۽ دوائن جي به سخت کوٺ هجڻ سبب زخمين کي شڪارپور سول اسپتال ريفر ڪيو ويو آھي.

چمبڙ لڳ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا مرڻينگ

چمبڙ (رپورٽ:خالد صديقي) چمبڙ ٽنڊوغلام علي روڊ درگاھ لعل پير اسٽاپ وٽ  موٽرسائيڪل ۽ ڪار ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنھن سبب موٽر سائيڪل سوار سنتوش ۽ اشوڪ ميگھواڙ سخت زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور تي رورل ھيلٿ سينٽر چمبڙ آندو ويو جتان فرسٽ ايڊ بعد ٻنھي زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو جڏھن ته ڄاڻايل ٻئي زخمي ميگھواڙ برادريءَ جي ٽنڊوالھيار ابراھيم ڪالوني واسي ٻڌايا ويا، جيڪي ٽنڊي غلام علي مائٽن ڏانھن ڏياري ملھائڻ لاء وڃي رھيا ھئا ته چمبڙ ٽنڊوغلام علي روڊ درگاھ لعل پير وٽ ڪار جي ٽڪر سان سخت زخمي ٿي پيا.

نندو لڳ موٽر سائيڪل ۽ چنگچي ۾ ٽڪر، ٽي زخمي

نندو ( ن ع آ ) نندو، ٽنڊوباگو روڊ تي ڳوٺ محمد حسن بليديءَ وٽ موٽر سائيڪل  ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا شفيع محمد ڀرڳڙي،والجي ڪولهي ۽ امير بخش ملاح سخت زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ رورل هيلٿ سينٽر نندو آندو، جتان ابتدائي علاج ٿيڻ بعد زخمين کي تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو ريفر ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.