همايون لڳ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

شڪارپور / ميان صاحب/ سلطان ڪوٽ/ همايون ( نمائندن وٽان )  همايون ويجهو جاڳڻ شھر پراڻي سڱانوتي تڪرار سبب ڀيو برادريئ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو۔ فائرنگ  بازار ۾ ويٺل دوڪاندارن ۽ گرڪن ۾  اڄ ٿابڙ جي ڪرڻ سبب 8 ماڻھو زخمي۔ پسٽل ۽ بندوق جون  گوليون لڳڻ سبب 40 سالن جو شخص قتل۔ جوبدار موقعي تان فرارٿي ويا ۔ همايون پوليس مقتول جو لاش کڻائي  شڪارپور اسپتال ۾ منتقل ڪيو ۔  مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ۔ لاش گهر پهچڻ سبب ڪهرام مچي ويو۔ جاڳڻ شھر ۾ ڀيو برادريئ جي پراڻي سڱانوتي تڪرار سبب جهيڙو ٿي پيو جڳڻ بازار ۾ ڇتي فائرنگ ڪئي ته خوف حرا ڇائنجي ويو ۽  بازار ۾ سودو سيدو وٺڻ لاء آيل ماڻھن  ۽ دوڪاندارن ۾ ڀاڄ پيئجي جنهن سبب ڪيترائي ماڻھو ٿابڙجي ڪري پيا ۽ 8 کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿي پيا آھن۔ جڏينهن ته ڀين جي هڪ ڌر جي فائرنگ سبب پسٽل ۽ بندوڪ جون گوليون لڳڻ سبب 40 سالن جو ميرحسن ڀيو قتل ٿي ويو آھي۔ جڏينهن ته جوبدار موقعي تان فرار ٿي ويا ۔ هوڏانهن همايون پوليس واقعيڌواري هند پهچي ڪري مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاء شڪارپور اسپتال کڻائي آندو۔ مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آھي لاش گهر پهچڻ سبب ڪهرام مچي ويو آھي۔ هوڏانهن همايون ٿاڻيڏتي قتل جي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيوآھي۔ .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.