لاڙڪاڻي ۾ کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ بک هڙتال

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل نوجوان انصاف دايو، شيراز احمد ۽ سندس ڀاءُ فراز احمد سومرو جي آزادي لاءِ سندن وارث عورتن طرفان پنهنجي پيارن جي تصويرن وارا بئنر کڻي ڪالھ به پريس ڪلب  اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ پيرسن عورت رحمت خاتون سومرو، افسانه دايو، اقصيٰ دايو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آهي ته لاڙڪاڻي شهر جي نظر پاڙي مان 29 مئي 2017ع تي درزي انصاف دايو کي سندس دڪان تان کنڀي گم ڪيو ويو، جنهن کي 3 سال ساڍا 5 مهينا گذري ويا آهن، پر اڃان تائين هو آزاد نه ٿي سگهيو آهي، صدمي ۾ سندس امڙ جي طبيعت مسلسل خراب آهي، جڏهن ته گذريل 23 آگسٽ تي ڪراچي جي لاسي ۽ وزير ڳوٺن مان لاڙڪاڻي کنڀي گم ڪيل ٻن درزي ڀائرن شيراز احمد ۽ فراز سومرو 2 مهينا 22 ڏينهن گذري ويا آهن، پر اڃان تائين سندن بابت ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، هڪ گهر جا ٻه نوجوان کنڀجڻ تي گهر ۾ قهرام متل آهي. احتجاج ڪندڙ عورتن وڌيڪ چيو ته کنڀي گم ڪيل اسان جا پورهيت نوجوان انصاف دايو، شيراز احمد ۽ فراز سومرو درزڪو ڪم ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ گذر ڪندا هئا، جن جي کنڀجڻ کان پوءِ اسان جي گهر ۾ فاڪا آهن جنهن سبب اسان سخت پريشان آهيون، مسلسل احتجاجن باوجود ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي. هنن وس وارن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي نوجوانن کي آزاد ڪرائي ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.