ٽنڊو محمد خان ۾ پوليس ڇاپا، 4 جوابدار گرفتار

ٽنڊومحمدخان (ڊ ر) ٽنڊومحمدخان پوليس پاران مختلف علائقن ۾ ڏوهارين خلاف ڪاروايون 4 جوابدار گرفتار ، وڏي مقدار ۾  منشيات هٿ،خبر موجب ٽنڊومحمدخان پوليس سستي بستي روڊ تي ڪاروائي ڪندي 2 جوابدارن ويهو ڪولهي ۽ عبدالفتاح مغل کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 900 عدد مين پڙيون ۽ وڏي مقدار ۾ ڪچو شراب هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي، ملاڪاتيار پوليس چوري ۾ ملوث جوابدار الله بخش ملاح کي ڳوٺ وصي ملوڪ شاهه مان گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته بلڙي شاهه ڪريم پوليس علي پور موري وٽ ڪاروائي ڪندي جوابدار مختيار علي ڪاتيار کي گرفتار ڪري وٽائنس وڏي مقدار ۾ ڪچو شراب هٿ ڪيو آهي  پوليس مذڪوره گرفتار ٿيل چئني جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.