چيلهار ۾ باهه پورهيت کي آسمان هيٺ آڻي ڇڏيو

چيلھار (رپورٽ:جتيندر باغي) چيلھار ۾ قديمي ڇڇي ترائي جي ڀرپاسي واري ميگھواڙ پاڙو جي رھيواسي مانو ميگھواڙ جو  سمورو ڪچو ڪکائنو گھر سڙي خاڪ ٿي ويو آھي جڏھن تي گھر ۾ پيل سمورو سامان سڙي خاڪ ٿي ويو جنھن ۾, کٽون بسترا ڪجھ ڌان سميت روڪ رقم پيل ھئي جيڪا باھ جي ور چڙھي ويا باھ لڳڻ جو سبب اھو ٻڌايو وڃي ٿو تي ديوالي جي موقعي تي ٻارڙا ڦٽاڪا ٻاري رھيا ھئا تي اچتو  چڻنگ اڏامي ڪکائنو گھر کي لڳي وئي جنھن سبب سمورو گھر سڙي خاڪ ٿي ويو گھر کي جئين باھ لڳي تي بروقت ٽائون ڪميٽي چيلھار جو ٽي ايم او سعيد احمد بروھي باھ تي ڪنٽرول ڪرائڻ لاء حڪدم فائر برگيڊ گاڏي موڪلي باھ تي ڪنٽرول ڪرايو ۽ ڀرپاسي پيل ٻين ڪکائون گھرن کي باھ جي لپيٽ ۾ اچڻ کان بچائي ورتو جيڪڏھن بروقت ڪنٽرول نه ٿئي ھا تي لکين رپين جو وڌيڪ نقصان ٿئي ھا ٻئي طرف باھ متاثر چمن ميگھواڙ مانو ميگھواڙ عوامي آواز چيلھار کي ٻڌايو ٻه ڏيھين گذري ويا آھن پر ھيل تائين کلي آسمان ھيٺ ويٺل آھيون ڪنھن بي مدد ناھي ڪئي متاثرن چيف منسٽر سنڌ سيد مراد علي شاھ اقليتي نمائيندن ڊي سي ٿرپارڪر سميت وس وارن کان گھر ڪئي آھي تي فورن مالي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.