بھادري جو مثالي ڪردار بڻيل اي ايس آءِ ۽ سندس نياڻي !

مسرور سيال

پوليس بابت عام جيڪو خاڪو آھي، اھو ڪو چڱو ناھي، عام طور جو خيال رڳو خام خيالي به ناھي پر ھڪ مشاھدو به شامل آهي. اسان جي پوليس جو نظام به ان جو گواھه آھي. مجموعي طور تي پوليس جي ڪارڪردگي ھن وقت ڪا مثالي ناھي رھي، جيڪڏھن مثالي ھجي ھا ته پوءِ ڏوھه به مثالي طور ختم ھجن ھا. ٿاڻا ۽ جيل اصلاح گھر طور سڃاتا وڃن ھا جتان گذرندي عام شھري پاڻ کي محفوظ محسوس ڪن ھا ۽ ڏوھاري گذرڻ جي ھمت ئي نه ڪري  سگھن ھا پر اسان وٽ ته عام شھري پريشان ۽ ڏوھاري مطمئن نظر اچن ٿا.ٿاڻن تي ڏوھاري ۽ پاٿاريدار ڪُرسين تي ويٺل نظر اچن ٿا. حد جا ايس ايڇ اوز سندن دعوتون کائيندي ڏٺا وڃن ٿا، فريادي جي دانھن تي ڏوھاري گرفتار نٿا ٿين پر جيڪڏھن ڪي گرفتار ٿين ٿا ته بااثرن جي ھڪ فون تي ڇڏائجي وڃن ٿا، پوليس جيڪا بااثرن جي ونگارو بڻيل ھوندي آھي، ڀلا ڇو نه ھجي؟ جڏھن پوليس موبائيل ۾تيل، ان جي سار سنڀال ايس ايڇ اوز جي خدمت چاڪري پڻ بااثر ڪندڙ ھجن ته پوءِ انھن جي فون اثر ڏيکاريندڙ ڇو نه ھوندي؟

ملڪ جي سمورن صوبن جي پوليس جا ساڳيا حال آھن پر سنڌ پوليس جو حال ان کان به ويل نظر ايندڙ رھيو آھي ڀلا! جنھن صوبي ۾پوليس جي، آءِ جي کي ملڪ جا ٻيا ادارا اغوا ڪري زبردستي آرڊر تي صحيح ڪرائيندا ھجن ته ان جي ڪمزور حال تي ھن کان وڌيڪ ڪھڙو دليل ڏئي سگھجي ٿو؟ شڪارپور ۾قبيلائي جھيڙن جيترو نقصان ڪيو، ان جو وڏو ڪارڻ پوليس جي ڪمزور پاليسي شامل آھي. ڌاڙيل ڪلچر ۾به پوليس ئي کين محفوظ رستا ڏيندڙ رھي آھي، اھڙي نموني ھڪ جيب ڪتري کان وٺي موٽرسائيڪل ڦورن تائين ۽ وڏن ڏوھن تائين جي ڏوھارين کان پوليس اڻ ڄاڻ نه ھوندي آھي ان باوجود به پوليس بيوس نظر ايندي آھي. اھڙي نموني اڻڀا ۽ سڻڀا ضلعا، ٿاڻا به ھڪ پوليس رياست طور ھجن ٿا. سڻڀن ضلعن ۽ ٿاڻن تي ڄڻ ٺيڪيداري سسٽم ھجي ٿو اتي بااثر ۽ حڪومتي وزير، ايم پي اي ۽ ايم اين ايز جي خواھشن تي مقرريون ۽ بدليون ڪيون وڃن ٿيون. سنڌ ۾ٿورڙا ئي اھڙا ضلعا ۽ ٿاڻا ھوندا جتي پوليس کي ڪا ڏکيائي نه ھوندي ۽ بااثرن جي ڪا دلچسپي نه ھوندي، باقي ته سموري سنڌ ٺيڪيدارن لاءِ سون بڻيل آهي .

جيتوڻيڪ پوليس سياسي دٻاءُ جو شڪار رھي ٿي ۽ ڪاريون رڍون پنھنجا ڪارناما ڏيکارڻ ۾پنھنجي مھارت ڏيکارين ٿا ۽ پنھنجن ٺيڪيدارن لاءِ ڪمائتا بڻيل آھن، اتي ڏسجي ته پوليس جي سپاھي کان وٺي آفيسر تائين اھڙا به آھن جيڪي پنھنجي پروفيشن سان سچا آھن. ايمانداري ۽ سچائي جي علامت بڻيل آهن. حقيقت ۾اھڙا نالا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي آھن، اھي ئي پوليس کاتي جي ساک کي بچائيندڙ آھن. ٿيڻ ته ايئن گھرجي ته کاتي جو ھر اھلڪار سچو ۽ ايماندار ھجي خير! ھي به اسان جي ملڪ جو وڏو الميو آهي ته ڏوھن کي ختم ڪرڻ واري ذميواري وارا ادارا ڏوھه ختم ته نه ڪري سگھيا پر انھن جي رستاروڪ ۾به ناڪام ڏٺا ويا آهن. ڪرپشن ختم ڪندڙ ادارا پاڻ ڪرپشن جا مريض بڻيل ھوندا آھن، امن امان رکڻ جا ذميوار پاڻ ڏڦيڙ ۽  افراتفري ۾جڪڙيل ڏسجن ٿا. ھي سڀ ڪجهھ ڇو آھي؟

جيڪڏھن هن سوال جي جواب تي ڳالھائبو ته ڳالھه واضح آھي جنھن ملڪ جو عدالتي نظام ڪمزور ھجي، جنھن ملڪ جو حڪومتي نظام ڀڃ ڊاھه جو شڪار ھجي، جتي حڪومت جا ڪم ڪي ٻيا ادارا ڪندا ھجن ۽ عدالتن وارا ڪم ڪي ٽيان ڪندا ھجن، جتي انتظاميا وارا ڪم ڇڙواڳ ڪندڙ ھجن ته اتي سڄو معاشرو ڇڙواڳي جو شڪار نه ھوندو ته ٻيو ڇا ھوندو؟ ھر دور ۾پوليس سڌاري جي ڳالهھ ڪئي وڃي ٿي پر ٿيندي نظر ته نٿي اچي، سبب ڇا آھي؟ ظاھر ۾ته ٻيو ڪو به سبب ناھي، سواءِ ھن جي ته پوليس طاقتور، خود مختيار ۽ بااختيار ٿي ته پوءِ زبردستي پاڻ کي بااختيار بڻائيندڙن جو ڇا ٿيندو؟ سندن عوام تي دٻدٻو ڪيئن رھندو؟ سندن مرضين سان ٻڌ ڇوڙ ڪيئن ٿيندي؟ سندن خواھشن تي مقرريون ۽ بدليون ڪيئن ٿينديون؟ مطلب ته پوليس کي جنھن نگاھه سان ڏٺو وڃي ٿو ان ۾انھن جو ڏوھه به گھٽ آھي، سمورو ڏوھه اسان جي حڪمرانن جو ئي آھي جيڪي مخالف ڌر ۾ھوندا آھن ته پوليس ۾سياسي مداخلت جون دانھون ڪندا آھن ۽ وري اقتدار ۾اچي انھن کي پنھنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪندا آهن. ڪيڏي نه وڏي ڳالھه آھي جڏھن پوليس جو ڪو اھلڪار ڪو چڱو ڪم ڪري ٿو ته اسين ان کي وڏو ڪارنامو قرار ڏيون ٿا ۽ ان تي فخر ڪرڻ لڳون ٿا ان جو مطلب ته اسان وٽ چڱو ڪم ان ڪري ڪارنامو آھي جو چڱائين جي اڻاٺ آھي! حقيقت اھا آھي ته اسان کي فخر ڪرڻ بدران پوليس جي فرض جي ادائيگي جو نالو ڏيڻ گھرجي ۽ حيرت تڏھن وٺڻ گھرجي جڏھن پوليس پنھنجي فرض کي ادا نه ڪري سگھي! اھو تڏھن ممڪن ھجي ٿو جڏھن چڱائي جي ڪمن ۾ڪثرت ھجي پر ھتي ته ڪثرت ئي خرابين جي آھي ته پوءِ ورلي ڪير چڱائي جو ڪم ڪندو ته فخر ته ٿيندو. جڏھن ته سُڌريل ملڪن ۾ خرابين تي پريشان ٿيندي ته ضرور نظر ايندا آھن پر چڱاين تي ڌمال ھڻندي نظر نه ايندا آهن ڪنھن به ننڍي وڏي ڪارنامي تي ڪنھن پوليس اھلڪار تي فخر ڪرڻ بدران ان کي ان جي فرض جي ادائيگي ۽ سموري کاتي جي ڪارڪردگي تسليم ڪيو ويندو آھي. اھڙي صورتحال ۾اھڙو فخر ڪشمور پوليس جي اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو توڙي ان سان گڏ سندس بھادر نياڻي تي پڻ ڪيو پيو وڃي ۽ ڪرڻ به گھرجي جن ھڪ مجبور ۽ زيادتي جو شڪار ٿيل عورت ”تبسم“ جي درد کي محسوس ڪيو ۽ ان جي مدد ڪئي سندس چئن سالن جي نياڻي ”عليشه“ کي بچائي ورتو. جڏھن ته ھڪ رٿابندي ۽ ڏاھپ سان ڏوھارين کي ھٿيڪو ڪرڻ ۾ڪامياب ويا، ھن عمل ۾ جاني نقصان جو امڪان به ھو جنھن جي پرواھه نه ڪندي اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو پنھنجي نياڻي ”ريشمان“ کي ان ڏوھاري سان رابطو ڪرايو جنھن جي نتيجي ۾سندن گرفتاري ممڪن ٿي جيڪا بھادري ضرور آھي ۽ ان تي فخر به ٿيڻ گھرجي پر  ڇا ھن سان پوليس جي ڪارڪردگي ثابت ٿئي ٿي؟ بلڪل نه! ڇو ته ”تبسم“ کي وري به پوليس جي ان نظام مان گذرڻو پيو  ڇا پوليس پنھنجو فرض سمجھي کيس تُرت مدد فراھم ڪئي؟ بلڪل نه، جڏھن ”تبسم“ پنھنجو درد ٻڌايو ته پوليس کيس آسرو ڏنو ۽ وري رابطي ۾اچڻ لاءِ چيو ته ھن ٻڌايو ته ھتي ھن جو ڪير به ناھي، ھو ڪنھن مسجد ۾پناھه وٺي ٿي ته پوليس کيس تحفظ ڏنو؟ نه! ھو شھر مان مايوس ٿي ٿاڻي تي آئي ته وڏي منشي کيس اي ايس آءِ جي گھر تائين پھچڻ جو رستو ٻڌايو، جڏھن ھي گھر پھتي ته کيس پنھنجو درد عورتن کي ٻڌائڻ جو موقعو مليو ۽ عورتن ئي سندس درد کي حقيقي معنيٰ ۾سمجھيو ۽ پنھنجي مرد مطلب اي ايس آءِ کي سمجھايو ان کانپوءِ پوليس جي وردي اندر ھن جو انسان جاڳي پيو ۽ ھن ھڪ نياڻي جي جان بچائڻ توڙي ٻين نياڻين جون عزتون بچائڻ لاءِ پنھنجي نياڻي جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ سندس بھادر نياڻي به ساڳي جذبي سان ساٿ نڀايو. ھي عمل وڏو نيڪي جو عمل آھي جيڪو بيشڪ بھادري سان ڪيو ويو .

ھن ڳالھه ۾ڪو به شڪ ناھي ته پوليس جي بھادر اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو جنھن کي آئون بھادر سان گڏ ”ڏاھو ۽ مھارت وارو اي ايس آءِ“ چوندس ان جي حوصلا افزائي ٿيڻ گھرجي، کيس ۽ ھن جي نياڻي کي  انعام به  ملڻ گھرجي، کين سلام پيش ڪرڻ گھرجي. ھنن کي کاتي ۾ترقي ملڻ گھرجي ان ڪري ته پوليس وردي ۾انسان ۽ انسانيت ظاھر ٿي آھي. ھن جي عمل مان اھو به حوصلو ملي ٿو ته پوليس ۾ سپاھي کان وٺي اي ايس آءِ ۽ مٿي تائين درد رکندڙ فرض شناس آفيسر اھلڪار به موجود آھن پر ھتي ھڪ سوال ضرور آھي ته ڇا ھڪ اي ايس آءِ جي بھادري سان ڪشمور پوليس جي ڪارڪردگي کي بھتر چئي سگھجي ٿو ؟ ڇا ان عمل جي انڪوائري نه ٿيڻ گھرجي ته پوليس ”تبسم“ کي قانوني تحفظ ڇو نه ڏنو؟ ليڊيز پوليس جي مدد ڇو نه ملي سگھي؟ ٿاڻي جا ٻيا اھلڪار محمد بخش ٻرڙو ڇو نه بڻجي سگھيا؟ ان ٿاڻي جي ايس ايچ او جو ڪردار ڇا رھيو؟ ان ٽيم جوڙي وقتائتي ڪاروائي ڇو نه ڪئي؟ پنھنجي اعليٰ آفيسرن کي وقتائتو اطلاع ڇو نه ڏنو؟ ھي ته سڀ ڪجهھ تڏھن ٿيو جڏھن محمد بخش ٻرڙو پنھنجي نياڻي ۽ پُٽ سان گڏ ڪجهھ ذاتي طور پوليس اھلڪارن جي مدد سان  ذاتي حڪمت عملي جوڙي  ڪارنامو سرانجام ڏنو. اصل ۾ھي ھڪ پوليس اھلڪار جو ڪارنامو آھي پوليس کاتي جو نه، ھي پوليس کاتي جي  بي ساخين کي ظاھر ڪندڙ ضرور آھي پر طاقت کي نه، ھي پوليس جي ساک کي سھارو ڏيڻ برابر آھي پر مڪمل ساک نه! ڀل سنڌ حڪومت فخر محسوس ڪري ۽ وزيراعظم عمران خان اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو کي فون ڪري ھن جي حوصلا افزائي پڻ ڪري کيس انعام به ڏنا وڃن، ترقي به ڏني وڃي،

اھا ھڪ فرد کي انعام ۽ ترقي ھوندي، ان سان گڏ پوليس کاتي ۾ سُڌارا ڏنا وڃن، پوليس کي مڪمل بااختيار ۽ خودمختيار ڪيو وڃي، سندن مجموعي رڪيل ترقيون تُرت ڪيون وڃن، سندن پگھارن کان وٺي سموريون گھربل سھولتون ڏنيون وڃن ۽ پوليس مان ڪارين رڍن جو نظريو ختم ڪيو وڃي، عوام لاءِ محافظ طور ثابت ڪيو وڃي، ڏوھه ۽ ڏوھارين لاءِ خوف جي علامت طور بڻايو وڃي ته ھي عوام لاءِ وڏو انعام، اعزاز ۽ ترقي ھوندا . اھڙي نموني مک جوابدار بدڪردار انسان رفيق ملڪ جو پوليس ڪائونٽر ۾مارجڻ به سواليه نشان آهي اسان جي قانون ۽ عدليا تي؟ ڏوھاري کي جيڪڏھن قانون ۽ عدالتون سزائون ڏين ھا ته اسان کي قانون کان مٿاھين سزائن تي خوش ٿيڻو نه پوي ھا جڏھن قانون ۽ عدالتون انصاف ڪندي سزائون ڏينديون آهن ته ڏوھن جي پاڙ پٽجڻ ۾مددگار ثابت ٿينديون آهن، قانون کان مٿانهان قتل واريون سزائون وقتي طور خوشي ڏين ٿيون پر مستقل طور مسئلي جو حل نٿا ثابت ٿي سگھن ۽ ھن کي پوليس جي ڪارڪردگي ۾شمار نٿو ڪري سگھجي تنھن ھوندي به ان ڪري خوشي ٿئي ٿي ته شڪ ھو ته حقيقي ڏوھاري جيڪو اسان جي عدالتي نظام جي ڪمزورين سبب بچي وڃي ھا ۽ سماج ۾وڌيڪ خرابيون پيدا ڪندڙ ھجي ھا ان مان ڪنھن طريقي سان نجات ملي وئي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.