ڄام مدد علي خان جو المناڪ وڇوڙو 

علي ٿهيم 

سنڌ ۾سخاوت جي حوالي سان تاريخي ڪردار ڄام ڪانڀو خان جي خاندان جي پونيئرن به ڄام ڪانڀو خان واري سخاوت واري سلسلي کي سنڀالي رکيو آهي .اها ڳالهھ هر ڪنهن کي چڱي ريت خبر آهي ته ڄامن جو دسترخوان اڄ به ڪشادو آهي، ڄام ڪانڀو خان جي اولاد مان ڄام صادق علي خان وڏو نالو ڪمايو، ڄام صادق علي خان سياست ۾پير پاتو ته سندس ذهانت آڏو وڏا وڏا سياسي بُت ڍير ٿي ويا، پ پيپلز پارٽي جو بنياد پوڻ کانپوءِ ڄام صادق علي خان به پ پ ۾شامل ٿيو. 1977ع ۾ضيائي مارشل لا لڳي ته ڄام صادق علي خان لنڊن پهچي جلاوطني اختيار ڪئي، هو 1989ع تائين جلا وطن رهڻ کانپوءِ پاڪستان واپس پهتو، ڄام صادق علي هتي پهچڻ کانپوءِ محسوس ڪيو ته پ پ پ ڄامن کي اهو مان ۽ مرتبو نه ڏنو آهي جيتريون ڄامن جون پارٽي لاءِ قربانيون آهن. اهو جواز ڄاڻائي ڄام صادق علي خان پ پ پ ڇڏي ڄام گروپ ٺاهي سنڌ جو نه صرف وڏو وزير ٿيو پر سنڌ جو بااختيار وڏو وزير هو، سندس فرزند ڄام معشوق علي خان مرحوم، ڄام ذوالفقار علي خان سياسي طور نمايان رهيا ته سندس ڀاڻيجو ڄام مدد علي خان به سياسي افق تي چمڪندو رهيو.

ڄام مدد علي خان پنهنجي پارلياماني سياست جو آغاز 1993ع ۾ڪيو ان وقت ڄام خاندان خلاف پ پ پ حڪومت ڪارروائيون شروع ڪيون ته ڄام مدد علي خان، ڄام معشوق علي خان دبئي هليا ويا. 1997ع ۾به هو مسلم ليگ ف جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي ٿيو، ان کانپوءِ 2002ع ۾ڄام نواز علي واري تڪ تان ايم پي اي ٿيو، 2008 ع ۾ سندس سامهون چاچا شاهنواز جوڻيجو جي پُٽ محمد خان جوڻيجو سان سندس مقابلو ٿيو ان ۾محمد خان جوڻيجو ڪامياب ٿيو پر ڄام مدد علي خان سپريم ڪورٽ وڃي محمد خان جوڻيجو جي بي اي جي ڊگري ۽ سندس خلاف سپريم ڪورٽ جي پراڻي فيصلي جي آڌار تي کيس نااهل ڪرايو ان کانپوءِ ننڍي چونڊ ۾هن پ پ پ اميدوار اصغر جوڻيجو کي هارائي ايم پي اي ٿي ويو. 2017ع ۾ هو پ پ پ ۾شامل ٿيو. 2018 ۾سندس مقابلو مسلم ليگ ف جي اميدوار ڄام ذوالفقار علي خان سان ٿيو، جنهن ۾ڄام مدد علي خان ڪامياب ٿيو، ڄام مدد علي خان ڄام ڪانڀو خان جي سخاوت واري روايتن کي برقرار رکيو.

ڄام مدد علي خان فقيراڻي طبعيت جو مالڪ هو هر وقت کل ڀوڳ چهري تي مسڪراهٽ رکندڙ نمازي پرهيزگار شخص غريب امير سان هڪ جهڙو رويو رکندڙ هو، هن پنهنجي علائقي ۾غريبن جا بي پناھه مسئلا حل ڪرايا، ترقياتي ڪم ڪرايا، بيروزگاري جي خاتمي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون، سندس تڪ ۾ڪنهن غريب سان هن بي واجبي ٿيڻ نه ڏني، ڄام مدد علي خان ڪڏهن به اهو تڪبر نه ڪيو ته سندس نواب گهراڻي سان تعلق آهي، غريبن جي مدد شوق سان ڪندو هو، وٽس روز جي بنياد تي مدد گهرڻ وارا ايندا هئا ۽ هو سندن مدد ڪندو هو.  مرحوم ڄام مدد علي خان جنهن سان هڪ ملاقات ڪندو هو ان کي هزارن ماڻهن ۾سڃاڻڻ جي صلاحيت رکندو هو. ڳالهيون دل کولي ڪندو هو، وٽس سياست، سياستدانن  بابت وڏا قصا هئا هو اڪثر ڪچهرين ۾قصا ٻڌائيندو پڻ هو، صحافين لاءِ به وٽس وڏي عزت هوندي هئي، مرحوم ڄام مدد علي خان ڀٽائي صاحب جو باقاعده پانڌيئڙو هو، ڪراچي ايندي يا ويندي هو شاھه سائين جي مزار تي حاضري ضرور ڀريندو هو. ڄام مدد علي خان جي طبعيت عام ڀوتارن واري نه هئي هن هميشه ٻن وڙهيلن کي ٺاهيو هوندو ويڙهائڻ وارو ڪم هن ڪڏهن به نه ڪيو، ڏوهارين جي سخت خلاف هوندو هو، سياسي طور تي هو سنڌ اسيمبلي ۾مخالف ڌر جو اڳواڻ رهيو، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين رهيو سياسي طور تي اقتداري پارٽين ۾رهڻ باوجود مٿس ڪڏهن ڪرپشن جو الزام نه لڳو، هن هميشه صاف سٿري سياست ڪئي سندس رويو پنهنجن حامين سميت مخالفن سان به هڪجهڙو هوندو هو، هن وٽ مخالف به ڪم ڪار لاءِ ايندا هئا هن انهن کي ڪڏهن به احساس نه ڏياريو ته هو مخالف ڌر جا آهن، تڪ ۾سندس مسلسل ڪاميابي جو اصل سبب به سندس حسن اخلاق هو، سندس جنازو کنيو ويو ان وقت عام ماڻهو ايئن زارو قطار روئي رهيا هئا ڄڻ سندن گهر ڀاتي فوت ٿي ويو هجي! واقعي اهڙا ماڻهو ورلي ڏسڻ ۾ايندا آهن، ڄام مدد علي خان جي وفات کانپوءِ جتي ڄام خاندان جو وڏو نقصان ٿيو آهي اتي هن علائقي سنڌ جي سياست جو به نقصان آهي، الله پاڪ سندس خطائون بخش فرمائي کيس جنت ۾جايون عطا فرمائي، اهڙن ماڻهن جي وڇوڙي تي چيو ويو آهي.

اڄ نه اوطاقن ۾طالب تنوارين،

آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين،

جي جيءُ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا..!

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.