وبائي صورتحال ۾احتياطي اُپائن تي عمل جي ضرورت آهي

ايڊيٽوريل

ڪورونا هڪ ڀيرو وري پوري دنيا کي لپيٽ ۾آڻي ڇڏيو آهي. ماهرن موجب ڪورونا جي هي لهر اڳ کان وڌيڪ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿي. جڏهن ته وبا جا وار جيئن جو تيئن جاري آهن پر تنهن هوندي عوام احتياط جي حق ۾ٺپ نظر نه ٿو اچي. هن وقت اسان وٽ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو صحت ماهرن جي ڪورونا کان بچاءُ واري اُن نعري ”جيترو محدود، اُوترو محفوظ“ کان اُبتڙ ٿي رهيو آهي، جنهن جا نتيجا اسان جي آڏو آهن پر افسوس جو اسان اڃا تائين ان مان سبق سکي ناهيون سگهيا.

توڙي جو وفاقي حڪومت جا وبا کان بچاءُ لاءِ اڳ ۾کنيل قدم ۽ اپاءُ ڪيترا مناسب ۽ موثر هئا اُهو پاڻ سڀني ڏٺو. رڳو نالي ماتر لاڪ ڊائون ڪيو ويو پر ان تي عمل ذري برابر به نه ٿيو هو. نه ايس او پيز تي عمل ٿيو ۽ نه ئي وري سماجي فاصلي کي يقيني بڻايو ويو، جنهن سان وبا کي ويتر وڌڻ جو موقعو ملي ويو. اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته سخت لاڪ ڊائون سبب سڀني جو نقصان ٿيندو پر انساني زندگيءَ کان مٿي ڪا به شيءِ ناهي هوندي. چوندا آهن ته ”جيءُ خوش ته جهان خوش“، انسان جيڪڏهن تندرست يا صحتياب هوندو ته ٻيهر شيون معمول تي آڻي سگهي ٿو، پر اسان جو وزيراعظم پهرين ڏينهن کان لاڪ ڊائون جو مخالف رهيو آهي، سندس موقف رهيو آهي ته غريبن کي گهرن تائين محدود نه ٿو ڪري سگهجي، هڪڙي لحاظ کان اها ڳالهه ٺيڪ آهي ته ماڻهن کي مهانگائي جي عالم ۾گهرن ۾بند به ٿو رکي سگهجي پر ان سوال جو ڪير جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ته ساڳيو غريب جڏهن وبا کان متاثر ٿي گهرن ۾بند هوندو ته پوءِ  ڇا ٿيندو؟ ان لحاظ کان سنڌ حڪومت جو موقف گهڻو اثرائتو رهيو آهي ته ماڻهو بُک وگهي ايترا نه مرندا جيترا هي وبا ماريندي.

اسان سمجهون ٿا ته لاپرواهي جو نقصان وڏو ٿي سگهي ٿو، هڪڙي پاسي شهرين پاران ايس او پيز کي نظرانداز ڪرڻ ۽ احتياطي اُپائن تي عمل نه ڪرڻ ۽ ٻئي پاسي حڪومت جي عدم دلچسپي ممڪن آهي ته ڪنهن وڏي جوکم جو سبب بڻجي! ٻنهي پاسن جي لاپرواهي ۽ غفلت سبب موتمار وبا راڪاس بڻجي لامارا ڏئي رهي آهي. پاڪستان ۾ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ڪورونا جون 39410 ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن مان 2443 شهرين ۾وائرس جي پڪ ڪئي وئي، جڏهن ته وڌيڪ 32 ماڻهو ڪورونا وگهي فوت ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ ۽ آپريشن سينٽر مطابق گذريل ڏينهن ڪورونا ٽيسٽ جي هاڪاري شرح 6.2 سيڪڙو رهي آهي. سرڪاري پورٽل موجب پاڪستان ۾ڪورونا ڪيسن سان فوتين جو انگ 7141 ٿي ويو آهي ۽ گڏيل ڪيس 3 لک 56 هزار 904 تائين پهتا آهن. ساڳئي پورٽل ۾اهو ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ڪورونا مريضن جو گڏيل انگ 154738 ٿي چُڪو آهي ۽ 2738 فوت ٿيا آهن!

ڪورونا کان بچاءُ لاءِ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ملڪ ۾ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب مزار، ٿيٽر ۽ سئنيما گهر بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، اسان نه رڳو هن عمل کي هاڪاري سمجهون ٿا پر ساراهه پڻ ڪيون ٿا پر شرط اهو آهي ته اُن تي مڪمل عمل ڪرايو وڃي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب وڏي نقصان کان محفوظ رهڻ لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرن جي اتفاق راءِ جو انتظار آهي. ٻئي پاسي تعليمي ادارن ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن ۾تيزيءَ سان واڌ روڪڻ جي ضرورت آهي، ان لاءِ اڄ تعليم وارو وفاقي وزير صوبائي وزيرن سان گڏ صورتحال جو جائزو وٺندو، وقت جي ضرورت آهي ته ڪورونا ۾واڌ سبب تعليمي ادارا بند ٿيڻ گهرجن پر بهتر متبادل پڻ فراهم ڪرڻ گهرجي، جنهن سان تعليمي نقصان جو پورائو ٿي سگهي. پهريان پڻ آن ڪلاسن جي حوالي سان شاگردن کي درپيش ايندڙ ڏکيائين بابت شڪايتون رهيون آهن، ان تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي ته ڪيئن ان ۾وڌيڪ سڌارو آڻي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ عوام پاران وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن کان پُڇيل سوال به مناسب آهن ته مختلف جماعتن جا سوين جلسا ٿين پيا ڇا اُتي ڪورونا نه ٿو پکڙجي؟ ڪورونا کان بچاءُ لاءِ تعليمي ادارا ته بند ڪيا وڃن ٿا جڏهن ته ٻيا تمام ادارا کُليل آهن، ڇا وبا رڳو تعليمي ادارن ۾اثر انداز ٿئي ٿي؟ اهي سوال وجود ته رکن ٿا پر اسان کي صورتحال طرف ڏسڻو ۽ سوچڻو پوندو.

حڪومت کي گهرجي ڪورونا کان بچاءُ سان گڏ عوام جي اهنجن جو به سوچي، ان لاءِ هنگامي بنيادن تي گهڻي رُخي پاليسي جوڙي، جنهن سان وبائي صورتحال تي آساني سان ضابطو آڻي سگهجي ۽ ساڳئي وقت عوام کي گهرجي ته هن وبا کان بچاءُ لاءِ حڪومت پاران جاري ڪيل احتياطي اُپائن تي سختي سان عمل ڪري ته جيئن موتمار وبا کان نه رڳو پاڻ بچي سگهون ٿا پر پنهنجن پيارن کي به بچائي سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.