مستقبل ۾ ڪهڙو نظام اُڀرندو، جمهوريت يا ڌن راڄ ؟

ڊاڪٽر غفور ميمڻ

آخرڪار آمريڪا جي صدارتي چونڊن جي نتيجن ۾پهريون ڀيرو خطرناڪ تضاد اڀري سامهون اچي ويا  آھن. دنيا جي وڏي ۾وڏي جمهوريت جي دعويدار رياست پاڻ پنهنجي جمهوريت جو بچاءَ نه ڪري سگهي. آخر انهيءَ جو ڪهڙو سبب آهي؟ ڇا مسئلو صرف ٽرمپ ۽ جو بائيڊن جي شخصي تضادن جو آهي يا ٽرمپ جي بد مزاجي جو آهي؟ آخرڪار 1789  ع ۾جارج واشنگٽن جي رکيل جمهوريت جي بنياد ۾ڪٿي ڪوتاهي ٿي آهي يا اڍائي سئو سالن کانپوءِ دنيا ۾ڪا اهڙي تبديلي اچي وئي آهي جو جمهوريت جو نظام وڌيڪ نٿو هلي سگهي. اسان لوڪ ڪٿائن ۾ٻڌندا هئاسين هڪ راجا ٻي پرجا. سجاڳي جي دور ۾راجائن جو دور ختم ٿيو. جديد دور ۾عوام ذريعي رياست جو نظريو جمهوريت رکيو ويو. مغرب ۽ آمريڪا انهيءَ جا وڏا چئمپين ٿيا. جمهوريت کي ئي ڪامياب نظام سمجهيو ويو. سوويت يونين جي خلاف به ڪامياب نعرو انسان جي بنيادي حقن جو لڳائيندي آمريڪا جمهوريت جا ترانا وڄائيندو هو. آخر انهيءَ جمهوريت کي ڇا ٿي ويو؟ اسان ٿورو مثال پاڪستان جو وٺون ٿا. هر ايندڙ اليڪشن ۾اڳواڻ وڏا واعده ڪري عوام جي تقدير بدلائڻ لاءِ ووٽ وٺندا آهن پر عوام روز پوئتي! هر ايندڙ حڪومت اڳ واري کان ڪمزور ۽ عوام لاءِ خطرناڪ نڪري ٿي.

ٿورو غور ڪنداسين ته جمهوريت جديد دور جو نعرو هو. جديديت پنهنجي دور جو سرمائيداري نظام کڻي آئي پر سوويت يونين جي قائم ٿيڻ کانپوءِ عوام کي انقلابي اُڀار کي روڪڻ لاءِ عوام کي جمهوريت جو خواب ڏيکاري خوش ڪيو ويندو هو ته عوام پاڻ حڪومت ۾ڀاڱي ڀائيوار ٿي سگهي ٿو. جيستائين سوويت يونين قائم هو. جمهوريت جي ضرورت هئي ڇو ته ان وقت  قومي سرمائيداري جي وڏي اهميت هئي. قومن جي ۽ رياستي سرمايي جي اهميت هئي. تنهن ڪري هر ملڪ وڏي مقابلي بازي ۾هو پر جيئن ئي سوويت يونين ٽٽو. ساڳئي وقت ڊجيٽلائيزڊ دنيا به وجود ۾ اچي وئي ۽ انٽرنيٽ جي ذريعي دنيا پاڻ ۾ڳنڍجي وئي.

دنيا ۾سرمائيدارن مِلن ۽ فيڪٽرين جا ڄار دنيا ۾وڇائي کپت لاءِ سڄي مارڪيٽ هٿ ڪرڻ لاءِ گلوبل دنيا جو نعرو هنيو. ميٽانيريشن ختم ڪري آزاد راءِ جي دنيا ۾فرد کي مارڪيٽ جي  بيانيه تي هلايو. دنيا ۾وڏيون وڏيون ڪمپنيون، ڪارپوريشنون ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنيون پيدا ٿيون جن  دنيا کي مارڪيٽ ٺاهي ڇڏيو. اتي آمريڪا، جاپان ۽ يورپ پنهنجي سرمائيڪاري چين ۾ڪئي  ڇو ته چين دنيا جي وڏي مارڪيٽ هو. اهڙي مارڪيٽ هر ڪمپني کي کپي. نتيجي طور چين سُپر پاور بڻجي ويو. اهڙي طرح گهڻا ملڪ جيڪي ڏڪاريل هئا، پٺتي پيل هئا اڳتي وڌي ويا پر جن ملڪن ۾ڪرپشن ۽ فوجي بجيٽ کي وڌائڻ تي زور رهيو اهي پوئتي رهجي ويا. ٻئي طرف سرمايي جي هيرا ڦيرا اهڙي طرح ٿي جو هائبرڊ ڪلچر، هائپر ريئل تصور اُڀاري ماڻهو ڪروڙ پتي ۽ ارب پتي بڻجي ويا. اٿل پٿل اهڙي ٿي جو  ڪک پتي مان ماڻهو ارب پتي بڻجي ويا. ناجائز سرمايي جي مارڪيٽ جي اٿل پٿل هلندي رهي. ٻئي طرف اسٽيٽ ايجنسين ۽ بلڊرز دنيا جون زمينون کپايون. ترقي جي نالي تي پلازا ۽ پلاٽنگ ٿيندي وئي. تان جو پوسٽ ماڊرن دور جا پنهنجا بنياد مضبوط ٿيندا ويا. پوسٽ ماڊرن جي اپسٽيم عوامي ناهي نه وري اهڙي نظام کي عوام جي ضرورت آهي. ملٽي نيشنل ڪمپنين کي صرف خريدار کپن پوءِ اهي هٿيارن جا هجن، منشيات جا هجن يا پيزا جا هجن.

انهيءَ ڪري سڄي دنيا مارڪيٽ ۾تبديل ڪندڙ ڪمپنين پنهنجون مافيائون ٺاهي حڪومتون ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ شروع ڪيون. ظاهر آهي  هر نظام کي چئلينج ڪرڻ لاءِ مارڪس جي نظريي مطابق ٿيسز جو انٽي ٿيسز پيدا ٿيو پوي. اهڙي طرح آمريڪا جي اندر نيشنل سرمائيدار، پاپولسٽ سياستدانن جي صورت ۾صدر ٽرمپ کي آندو. بلڪل ائين جيئن نواز شريف پنجاب جي اندر پاپولسٽ جو ڪردار ادا ڪيو. توهان ڏٺو پ پ پ جي حڪومت پاپولسٽ ڪردار تبديل ڪري عوامي سياست مان ڌن راڄ جي سياست جو ويس ڍڪي ورتو. هنن کي سمجهه ۾ اچي ويو ته عوامي راڄ جو دور ختم ٿي چڪو آهي. ڌن راڄ شروع ٿي ويو آهي هاڻي نمائنده غريبن مان به ايندا، ڏتڙيلن مان به ايندا پر انهن جو ڪم ڌن ٺاهڻ هوندو. عوامي مفاد نه هوندا، انهيءَ ڪري آمريڪا جنهن ۾ڪنهن ڪاري کي يونيورسٽي ۾داخلا به نه ملندي هئي اهو شيدي آمريڪا جو صدر ٿي ويو پر ڇو ته عالمي گلوبل ڪارپوريشنز جو نمائندو هو انهيءَ ڪري قبول هو. هاڻي عالمي مافياز لاءِ رنگ، مذهب، ملڪ، قوم، نسل ڪابه معنيٰ نٿو رکي. رڳو گلوبل مارڪيٽ ۾رستا ٺاهڻا آهن. سڄي دنيا جو سرمايو هٿ ڪرڻو آهي. اها راند صدر نڪسن کان شروع ٿي اوباما تائين پهتي هئي. بلڪل ائين چون ٿا ته نواز شريف گلوبل دنيا جي ڌن راڄ جو ماڻهو هو. جنهن چاهيو ٿي ته ڀارت سان دشمني ختم ڪجي. چائنا ۽ ايران کي رستو ڏجي. عالمي سرمائيدار کي مارڪيٽ جو رستو ڏجي پر هتي پاڪستان ۾پاپولسٽ سياست جو خاتمو ٿي چڪو هو، جنهن ڪري ڌن راڄ يعنيٰ پلوٽو ڪريسي جي مافيائن جو جهيڙو ٿي پيو.

آمريڪا ۾صورتحال مختلف آهي اتان جي سرمائيدارن کي اڃا آمريڪا جي ضرورت آهي انهي ڪري پاپولسٽ سياست، وال اسٽريٽ سياست، قوم پرستي ۽ عظيم آمريڪي قوم پرستي جو نمائندو ٽرمپ کي آندو ويو. جيتوڻيڪ ٽرمپ ڪافي ڪوشش ڪئي ته گلوبل پلوٽوڪريسي سان ٺاهي رکي انهن کي راضي رکي پر عالمي هٿيارن جو ڌنڌو بند ڪرڻ عراق، شام، افغانستان سان ٺاهه ۽ امن ڪرڻ طالبان سان ٺاهه ڪري امن ڪرڻ، منشيات جي عالمي روڪٿام جهڙا قدم ٽرمپ کي ڳرا پئجي ويا. مٿان وري ٽرمپ چين جي مارڪيٽ ۽ ڪمپنين کي ٻنجو ڏيڻ، انهن جي رستا روڪ ڪرڻ پاڻ لاءِ خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري ورتي ڇو ته چين آمريڪي ڪمپنين لاءِ جنت آهي. خود جاپان جي ڪيترين ڪمپنين سان آمريڪي ڪارپوريشنز جو الائنس ڪرڻ. گلوبل دنيا کي هٿي ڏيڻ هو. پوسٽ ماڊرن دور ۾عظيم بيانيه ٽٽي وڃڻ ڪري گلوبل دنيا لاءِ قوم، ملڪ، زبان يا سرحد ڪا معنيٰ نٿي رکي. انهيءَ ڪري سعودي عرب ۾تبديلي، عرب امارات جو اسرائيل سان ٺاهه ڪرڻ، ايران، افغانستان، ڀارت، چين جو امڪاني اتحاد، پاڪستان جو ايران کي سهولت ڏيڻ، آمريڪا جي پابندين جو ڪڏهن نرم ڪڏهن سخت ٿيڻ صرف جمهوريت ۽ پلوٽوڪريسي جا جهيڙا آهن. توهان ڏٺو اوباما انهن بئنڪن کي ملين ڊالر جو سبسڊي پيڪيج ڏنو هو جڏهن ته انهن بئنڪن عوام ڪريڊٽ ڪارڊ، قرضن جي نالي ۾وڏا فراڊ ڪيا هئا جو آمريڪا ۽ يورپ ۾بئنڪن خلاف وڏا مظاهرا ٿيا هئا. اهڙي طرح پاڪستان ۾کنڊ، پيٽرول، ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ڪرڻ ۽ قيمت وڌائڻ وارن کي وري سبسڊي ڏئي انهن کي مالا مال ڪيو ويو.

اصل ۾جمهوريت ناڪام ٿي چڪي آهي، جمهوريت عوام کي ڪجهه به نه پئي ڏئي. صرف عوام جو خون پئي چوسي. ڀلي عوامي غريب ماڻهو اقتدار ۾اچن پر اهي عوام جو ڪم نه ڪندا، سماجي ڪم نه ڪندا. ويلفيئر جو ڪم نه ڪندا. هڪ اهي هوندا جيڪي پنهنجي دولت جو بچاءَ ڪندا ٻيا دولت ڪمائيندا. اڄ جو دور هڪ اهڙي بند گهٽي ۾ڦاسي چڪو آهي، جتي هاڻي لولي لنگڙي جمهوريت به نٿي هلي سگهي تنهن ڪري گلوبل پوسٽ ماڊرن سماج ۾ٽرمپ قومي سرمائيداري ۽ عظيم آمريڪا جو نعرو کڻي آيو. جنهن مسلم دهشتگردي جي به ڳالهه ڪئي ته وري چين سان ڦٽائڻ جي ڳالهه ڪئي. انهيءَ ۾ڪوبه شڪ ناهي ته گلوبل دنيا پنهنجي ئي اندران اهڙا تضاد اُڀاريندي پر اهو چوڻ وقت کان اڳ ٿيندو ته ڪهڙا اُڀاريندا ۽ ڪڏهن؟ پر اسان کي اهو ضرور سمجهڻ گهرجي ته صدر ٽرمپ ۽ جو بائيڊن جا تضاد ٻن نظامن جا تضاد آهن. ممڪن آهي ته آمريڪا ۾اهي خوفناڪ شڪل اختيار ڪن. توهان ڏٺو ته ٽرمپ تي ڪيترا اهڙا الزام لڳايا ويا جيڪي آمريڪي تاريخ جا انوکا مثال هئا. مثال اوول هائوس کي خانه لذت بڻائڻ يا چريو ڪرڻ يا روس جو ايجنٽ چوڻ وغيره جڏهن ته ڪلنٽن  اوول هائوس کي ارل هائوس بڻائي رکيو هو. سندس اسڪينڊل دنيا ۾ مشهور ٿيا. بش دنيا ۾جنگي رڻ ٻاري ڏنو پر ڇو ته اهي سڀ مافياز جي سرمايي کي وڌائي رهيا هئا انهيءَ ڪري قابل قبول هئا.

صدر ڊونلڊ ٽرمپ به انهيءَ رمز کي سمجهي ڪافي ڪوشش ڪئي ته پلوٽوڪريٽس سان ٺاهه ڪري پر بلڪل انهيءَ شهباز شريف وانگر جنهن ڪوشش ڪئي ته اسٽيبلشمينٽ سان نواز شريف جو ٺاهه ڪرائي پر نه ٿي سگهيو. آخرڪار ٽرمپ اسٽيبلشمينٽ تي اهو الزام لڳايو ته کيس ڄاڻي واڻي هارايو ويو آهي. اڃا جنگ هلندڙ آهي. ڏسون ته گلوبل ازم جي عالمي منڊي پلوٽوڪريٽس کي اڳتي ڪهڙي شڪل ۾آڻي ٿي. مستقبل جو ڪهڙو نظام اڀرندو جڏهن ته جمهوريت آخري ساهه کڻي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.