تعليم عظيم مقصد يا هڪ واپار ؟

صفدر لغاري

علم بظاهر ته لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ننڍو لفظ آهي پر بنيادي طور تي هن سموري ڪائنات جي رازن تان پردو کڻڻ ۽ انهن کي سمجهي انسان جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ استعمال ڪرڻ ۾به علم جو ئي ڪليدي ڪردار رهيو آهي. لفظ علم جي معنيٰ آهي ڄاڻ، سکيا يا تربيت، پر اڄ جي دور ۾گهڻا ماڻهو علم ۽ تعليم جي مول ۽ مقصد کان وانجهيل آهن. مذهب اسلام اسان کي قرآن شريف جي روشني ۾هڪ آيت سان علم ۽ تعليم جي اهميت ۽ افاديت کان روشناس ڪرائيندي چيو آهي ته ”جيڪڏهن توهان نه ٿا ڄاڻو ته علم وارن کان پڇو“. تعليم جي اهميت کي سمجهڻ لاءِ الله جي ڪتاب جو هي دليل ئي ڪافي آهي پر وڌيڪ روشني وجهجي ته قرآن حڪيم جي اُنهي آيت سان جيڪا پهرين وحيءَ جي صورت ۾نبي ڪريم ﷺ تي نازل ٿي جيڪا آهي ”اقراءِ“ يعني پڙھه، نبي آخر زمان جو ارشاد مبارڪ آهي ته، تعليم جي حاصلات لاءِ ڀلي چين به وڃڻو پوي ته وڃو. هڪ ٻئي هنڌ فرمايائون ته ”تعليم پرايو ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين“. توهان ۽ اسان ننڍپڻ کان وٺي اهو ٻڌندا پيا اچون ته علم حاصل ڪرڻ هر فرد تي لازم آهي اهو مرد هجي يا عورت. ڇا اسان انهيءَ علم جي اهميت کان واقف به آهيون ته ڪيئن نه علم غلاميءَ جا زنجير ٽوڙڻ ۽ غلام قوم ۾هڪ نئون اتساهه پيدا ڪندو آهي ۽ سماج ۾بُري ۽ ڀلي جي تميز سيکارڻ لاءِ ذهني شعور  کي نروار ڪندو آهي. اُها تعليم ئي آهي جيڪا انسان مان آڪڙ ۽ وڏائيءَ کي ڪڍي ان ۾ عاجزي، نياز ۽ نوڙت جهڙا ڳُڻ پيدا ڪري کيس هڪ مڪمل ۽ ڪامل انسان ٺاهي ٿي.

صحتمند معاشرو صحتمند ۽ ترقي يافته قوم جو ضامن هوندو آهي. ڪنهن به معاشري جي بهتر نشونما ۽ واڌ ويجهه تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿي جڏهن هر فرد اعليٰ تعليم يافته هجڻ سان گڏوگڏ هر سطح تي تعليم حاصل ڪرڻ واري مقصد طرف ڪوشان هجي. ماڻهو تعليم پرائڻ يا علم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ننڍي وڏي نوڪري حاصل ڪرڻ کي زندگيءَ جو مقصد سمجهي ٿو جيڪو ڪنهن طور تي درست نه آهي، نوڪري حاصل ڪرڻ تعليم جي ثمرن مان هڪ آهي. تعليم جي حقيقي اهميت اُهي ئي سمجهن ٿا جيڪي پڙهڻ سان گڏ ڪڙهن به پيا. لطيف سرڪار فرمايو آهي ته:

پَڙِهِيا ڪَڙِهِيا ڪِين، توڙي وڃن چِين!

اهڙي طرح شاهه لطيف هڪ ٻئي بيت ۾فرمائي ٿو ته:

پڙِهِيو ٿا پڙهن، ڪَڙَهن ڪِين قُلوب ۾!

تعليم کي انسان جو زيور سمجهيو وڃي ٿو. جيئن زيور ماڻهو جي جسماني ٺاھه ٺوهه ۽ سونهن کي نکاري ٿو تيئن علم انسان جي علم ۽ شعور کي ارتقا بخشي ٿو ڇاڪاڻ ته اهو علم ئي آهي جنهن کي انسان جي ٽيئن اک سمجهيو ويندو آهي اهو ان ڪري ته انسان ان شعوري اک جو استعمال ڪندي پنهنجي بُري ۽ ڀلي جي فيصلي ڪرڻ جي قابل ٿئي ٿو. علم حاصل ڪرڻ ايئن آهي جيئن اونداهي رات ۾جوت جلائي روشنيءَ جي لاٽ سان نئين زندگي ۽ اُمنگن جي خوابن جي ساڀيان لاءِ اُميد کي زندگي بخشڻ تنهن ڪري جيڪو تعليم جو ڏيئو ٻاري روشني ڪري ٿو اهو نه رڳو پنهنجي زندگي ڪاميابين ۽ ڪامرانين سان همڪنار ڪري ٿو پر هو ٻين جي لاءِ به سولائي ۽ سهنجائي وارا رستا کولي ٿو.

افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسين اڄڪلهه تعليم کي عظيم مقصد لاءِ نه پر واپار جو موزون ذريعو سمجهي ويٺا آهيون جنھن جا ناڪاري اثر شاگردن سان گڏوگڏ اسان جي سماج کي اڏوهيءَ جيان اندروني طور تي کائي کوکلو ڪري رهيا آهن. جنهن طرف اسان کي سنجيدگيءَ سان سوچڻو پوندو نه ته اسان پنهنجي تباهيءَ جا ذميوار پاڻ هونداسين. اسان جي معاشري ۾هر هنڌ، هرطرف ۽ گهٽيءَگهٽيءَ ۾ خانگي تعليمي ادارا کليل آهن ۽ اسين سمجهندا آهيون ته اُهي عوام سان گڏوگڏ تعليم جي بهتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ خدمت واري جذبي سان سرشار آهن پر جيڪڏهن توھان ۽ اسان جي سوچ جو محور اهو آهي ته پوءِ اسين خوش فهميءَ جو شڪار آهيون.

تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومتي اختيارين طرفان کوڙ سارا فيصلا ورتا وڃن ٿا پر اُهي صرف ڪاغذي ڪارروائيءَ جي سبب ڌوڙ جي نظر ٿي وڃن ٿا. ان طرف اختيارين کي ضرور اک پٽڻي پوندي. سنڌ ۾تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي جنهن کانپوءِ عوام جي دل ۾هڪ اميد جو ڏيئو ٻريو هيو ۽ هنن چاهيو پئي ته ان سان سندن ٻارن جو مستقبل روشن ٿي سگهي ٿو ۽ اهڙي وقتائتي قدم کڻڻ کانپوءِ تعليم جو معيار ئي بهتر ٿي پوي ها پر عملي قدم ”ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه“ وارو ئي رهيو.

اسين اهلِ علم بهتر نموني ڄاڻون ٿا ته ڪنهن به معاشري جي ترقيءَ، فلاح ۽ بھبود لاءِ اهم ڪردار تعليم جو ئي رهيو آهي. جيڪڏهن هڪ فرد پڙهيو ته خاندان پڙهي پوندو ۽ جيڪڏهن خاندان پڙهي پون ته معاشرو سلجهيل ٿي پوندو آهي پر جيڪڏهن اُنهيءَ معاشري جو فرد پڙهيل ۽ سلجهيل ئي نه آهي ته معاشري ۾هر اُها برائي جنم وٺندي جيڪا اُنهيءَ لاءِ ان ڦٽ جيان ناسور بڻجي ويندي جنهن جو ڪوبه علاج نه هوندو آهي. تنهنڪري حڪومت کي گهرجي ته مستقبل ۾ ڪا اهڙي تعليمي پاليسي جوڙي جنهن ۾غريب ۽ امير جي ٻار لاءِ ساڳي ئي اداري ۾پڙهڻ ممڪن ٿي سگهي. هاڻي وقت آهي عملي قدم جو، تنهن ڪري مان حڪومت وقت کي اها گذارش ڪندس ته قوم جي مستقبل خاطر تعليم جي ڀلائي لاءِ جٽادار فيصلا ڪري عملي قدم کنيا وڃن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.