سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 942 ڪيس، 9 ڄڻا فوت

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 11353 نمونا چڪاس  ڪيا ويا جن مان 942 وڌيڪ ڪيس سامھون آيا آھن، وڌيڪ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا، ھن ڪورونا وائرس بابت وزيراعليٰ ھائوس مان جاري سندس بيان ۾ وڌيڪ چيو آھي تھ ڪورونا وائرس ۾ وچڙيل 379 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آھي ۽ انھن مان 38 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آھي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ آگاھي ڏيندي ٻڌايو تھ صوبي جي 942 ڪورونا ڪيس مان 624 نوان ڪيس ڪراچي شھر مان رپورٽ ٿيا آھن. ضلعيوار انگن اکرن بابت آگاھي ڏيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ٻڌايو تھ اڄ اوڀر ڪراچيءَ ۾ 234، حيدرآباد ۾ 212، ڏکڻ ڪراچيءَ ۾ 196، ضلعي وچ ڪراچيءَ ۾ 65، اولھھ ڪراچيءَ ۾ 60، ڪورنگيءَ ۾ 47، قمبر-شھدادڪوٽ ۾ 24، ملير ۾ 22، ڄام شورو ۾  21، بدين ۾ 18، سکر ۾ 14، شھيد بينظير آباد ۾ 13، جيڪب آباد ۾10، گھوٽڪيءَ ۾ 8، عمرڪوٽ ۾ 9، لاڙڪاڻي ۾ 6، شڪارپور ۾ 6، مٽياري ۾ 5، ٽنڊو الھيار ۾ 5، ٽنڊو محمد خان ۾ 4، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ۾ 2، ميرپورخاص ۾ 2، ٺٽي ۾ 2، ٿرپارڪر ۾ ھڪ ۽ سانگھڙ ۾ ھڪ وڌيڪ ڪورونا وائرس جا ڪيس رپورٽ ٿيا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.