ڳڙهي حسن ۾ سهراب سرڪي جي ڳوٺ ۾ نابالغ نينگري جي شادي جي ڪوشش ناڪام، 4گرفتار، مولوي فرار

تنگواڻي /باهو کوسو(رپورٽ: مهتاب ملڪ+ باسط بلوچ) ڳڙهي حسن ۾ 14 ورهين جي  نابالغ نينگري جي شادي تي پوليس ڪارروائي ڪري ڪنوار  ۽ گهوٽ  کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. مولوي فرار ٿي ويو. نابالغ چوڪري  جي ڀاءُ ۽ پيءُ  جي   ڪنوار جي پيءُ کي پوليس گرفتار ڪري انهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو جوڙو کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.خبر موجب  نينگري جي  پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي جي ڳوٺ ڳڙهي حسن سرڪي ۾ شادي ڪئي وئي. ڪارروائي دوران معصوم ڪنوار  ۽ مڙس  زمان سرڪي ڳوٺ ۾ قيد ڪيو ويو. پوليس پڻ معصوم ڪنوار جي پيءُ ۽ ڏاڏي جي ڀاءُ کي گرفتار ڪري انهن کي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف پوليس واقعي جي 9 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. جڏهن ته مولوي  نڪاح مان فرار ٿي ويو. ايس ايس پي محمد طارق نواز سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته معصوم ٻارن جي شادي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ۽ نوجوان ۽ ڪنوار کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي. جيڪي عدالت ۾ پيش ڪيا ويندا جيڪو  به عدالت جو فيصلو آيو ان تي  عملدرآمد ڪيو ويندو،صبح سوير اسان کي اطلاع مليو ته معصوم  نينگري جي زبردستي شادي ڪرائن پيا ۽ اسان پوليس نفري سان ڪري ڇاپو هنيو گهوٽ ۽ ڪنوار کي گرفتار ڪري ورتو ۽ نڪاح پڙائيندڙ مولوي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.