صحت سهولت جو پروگرام سماجي صحت جي تحفظ جو عالمگير فليگ شپ پروگرام

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت جو صحت سهولت جو پروگرام سماجي صحت جي  تحفظ جو هڪ عالمگير فليگ شپ پروگرام آهي، جنهن وسيلي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن کي علاج جي مفت سهولتن جي فراهي يقيني بڻائي ويندي آهي. اهو پروگرام انڊور پيشنٽ جي سارسنڀال ۽ علاج لاءِ آهي تنهن هوندي به مستقبل ۾ ان جو دائرو آئوٽ ڊور مريضن تائين وڌايو ويندو. مستحقين جي چونڊ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ڪئي ويندي آهي جنهن جي نادرا تصديق ڪندو آهي، سرڪاري ذريعن موجب قومي خوشحالي سروي جي ذريعي غربت بابت ڊيٽابيس کي شامل ڪيو ويندو، 2016ع کان 2018ع جي دوران ان پروگرام جي پهرين مرحلي جو آغاز ڪيو ويو جنهن جو مرڪز غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ خاندان آهن. ان پروگرام تحت گهٽ خرچ وارين بيمارين جي لاءِ ساليانو 50 هزار جڏهن ته 2 لک 50 هزار روپيا هر ان خاندان کي فراهم ڪيا پيا وڃن جن ۾ 7 ترجيحي بيمارين مان ڪنهن هڪ جي نشاندهي ٿيندي، ان عرصي دوران اهو پروگرام سڄي ملڪ جي 38 ضلعن ۾ شروع ڪيو ويو جنهن ۾ 32 لک خاندانن کي پهچ ڏني وئي آهي. 2019ع ۾ ان پروگرام جي ٻئي مرحلي جو آغاز ڪيو ويو، ان پروگرام تحت اهڙيون بيماريون جنهن جا گهٽ خرچ آهن في خاندان 60 هزار روپيا جڏهن ته اهڙين بيمارين جنهن جا خرچا وڌيڪ ايندا هجن انهن تي في خاندان 3 لک روپيا ڏنا ويا ۽ ان جو دائرو 92 لک خاندانن تائين وڌايو ويو.

اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي اپيل رد

اسلام آباد(م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن  جي اپيل رد ڪندي بيواهه کي منافعي سان گڏ انشورنس رقم ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. صدر عارف علوي ان سلسلي ۾ اسٽيٽ لائيف جي خلاف وفاقي محتسب جي فيصلي کي برقرار رکيو آهي. صدر عارف علوي انشورنس ڪمپني جي بيماري لڪائڻ جي بنياد تي انشورنس رقم نه ڏيڻ جي عذر کي رد ڪري ڇڏيو. وفاقي محتسب انشورنس ڪمپني کي مڙس جي لاڏاڻي تي بيواهه کي انشورنس ڪليم جي معقول رقم ڏيڻ جو فيصلو ڏنو هو. فيصلي ۾ چيو ويو هو ته انشورنس ڪمپني معمولي بنيادن تي بيواهه کي رقم ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاليسي ڏيڻ وقت بيماري جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي ذميواري انشورنس ڪمپني تي لاڳو ٿئي ٿي، انشورنس ڪمپني فيصلي جي تاريخ تائين منافعي سان گڏ بيواهه کي رقم جي ادائيگي ڪري.

ڪراچي ۾ مختلف واقعن ۾ 3 ڄڻا فوت

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ واقعن حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، نگن  چورنگي واري علائقي الحبيب ريسٽورنٽ ويجهو گاڏي جي ٽڪر ۾ 25 ورهين جو محمد رمضان پٽ جمال فوت ٿي ويو، پوليس موجب فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، منوڙي ويجهو پي اين ايس هماليه وٽ سمنڊ ڪناري تان هڪ شخص جو لاش مليو، هٿ آيل لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته سندس سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي. ٻئي پاسي آئي آئي چندريگڙهه روڊ ويجهو ريلوي گرائونڊ وٽ حادثي ۾ 22 ورهين جو حارث فوت ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.