کنڀيلن جي آزادي لاءِ مارچ پانڌيئڙن جي ٺٽي ۾ بک هڙتال

ٺٽو(رپورٽ: شبير ڀٽي+ منصور جلالاڻي)سنڌ جي کنڀي گُم ڪيل ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ڪراچي کان نڪتل پيادل لانگ مارچ قافلي جي  پانڌيئڙن جي ٺٽي ضلعي جي ھيڊ ڪوارٽر مڪلي ۾ 10 ڪلارڪن تائين احتجاجي بک ھڙتال، مختلف ڌرين طرفان ڪمئپ جا دورا، اڳواڻن تي گلن جي ورکا ۽ اجرڪون اڍايون ويون. سنڌ سڀا جي اڳواڻ انعام عباسي جي اڳواڻي ۾ ڪراچي کان راولپنڊي لاءِ نڪتل پيادل مارچ جو قافلو 5 ڏينهن جو سفر ڪري رات ترسڻ بعد صبح کان پريس ڪلب مڪلي تي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي ويئي آھي. جتي مختلف سياسي سماجي ڪارڪنن پاران يڪجھتي جو اظھار ڪيو ويو. ان موقعي تي سنڌ سڀا جي اڳواڻ انعام عباسي، ڊاڪٽر نظير کوکر، رزاق آسي، نعيم سنڌو، کنڀي گُم ڪيل نوجوان عاقب چانڊيو جي امڙ مختيار بيگم، ڀيڻ شازيه چانڊيو، کنڀي گم ڪيل نسيم بلوچ جي مڱيندي هاني بلوچ، فيصل آرائين جي امڙ بشيران آرائين ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ڪيترن ئي نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جن کي اڃا تائين ظاهر نٿو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.