سنڌ ۾ ڪتن جو ڊپ، ڪاموراشاهي ڪنهن به ڪارروائي کان ” بي خوف“ ٻارن سميت ڪيترائي زخمي

ڪراچي/سکر/حيدرآباد(نمائندن وٽان)سنڌ ۾ سيارو شروع ٿيندي ئي ڪتن هٿان ڏاڙهجڻ جا واقعا وڌي ويا، معصوم ٻار خاص نشانو، ميونسپل، ٽائون، يوسي انتظاميا بي خوف بڻيل  ڊي ايم سي ملير جي يوسي  12 غريب آباد کوکراپار ۾ رولوڪتن جو آزار وڌي ويو يوسي جي مختلف ڳوٺن ۽ علائقن ۾ ڪتا ولرن جي صورت ۾ جمع ٿي رھواسين لاءِ آزار بڻجي ويا آھن ڪتن جي وڌندڙ آزار سبب  اسڪول ويندڙ ٻارڙا عورتون ۽ بزرگ غير محفوظ ٿي ويا آھن ڪالھ ملير جي صحافي عنايت قمبراڻي جي پنجن سالن جي پٽ وارث قمبراڻي کي رمضان لاسي ڳوٺ ۾ رولو ڪتن ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو جنھن کي فوري طور تي جناح اسپتال مان  ويڪسينيشن ڪرائي وئي، رولو ڪتن جي وڌندڙ آزار تي ھتان جي سياسي سماجي اڳواڻن زاھد رحيم سليم خميساڻي  محمد خان قمبراڻي نظير احمد سنديلو عوامي تحريڪ جي اڳواڻ عابد عباسي محمد بچل قمبراڻي سجاد زنگيجو  فدا حسين بلاولي ۽ ٻين  حڪومت کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي، هوڏانهن سچل ڳوٺ ۾ به ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، ميونسپل انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي، رهواسين چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي، هوڏانهن پڪاچانگ ۾ رولو ڪتن جو آزار  اسڪول ويندي نينگري ڪتي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌي ڳوٺ محمد اسماعيل چانگ جي رھواسي سبحان چانگ جي معصوم نياڻي افروز ڪتي ڏاڙھي وڌو جنھن کي رورل ھيلٿ سينٽر فيضگنج آندو ويو جتي پڻ ويڪسين موجود نه هئي، جنھن بعد نياڻي جي وارثن سکر ھاءِ ڪورٽ جو حوالو کڻي فيضگنج ٿاڻي تي ٽائون آفيسر خلاف ڪيس داخل ڪرايو پھتا پر کين پوليس ڪورٽ جي حڪم کي پٺي ڏيندي ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو بعد ۾ ايس ايس پي خيرپور جي مداخلت تي ڪيس داخل ٿيو، هوڏانهن  سوراه ٿاڻي جي حد چونڊڪو شهر ۾ رولو ڪتن 9 سالا نينگر شمن علي گوپانگ کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو آهي زخمي نينگر جي ڀاءُ گمن علي گوپانگ ٿاڻي تي پهچي ٽائون ڪاميٽي چونڊڪو جي  ٽائون آفيسر خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو ، ٻئي پاسي واهي پانڌي ۾ رولو ۽ ڇتي ڪتن جو آزار نه گھٽجي سگهيو ،ڇتي ڪتي مسجد ۾ قرآن پڙهڻ لاءِ ويندڙ معصوم ٻارڙي تنوير رستماڻي، اياز لغاري، مدد رستماڻي عبدالوهاب لاشاري سميت پنجن ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو جن کي واهي پانڌي اسپتال آندو ويو جتي ويڪسين نه هجڻ ڪري زخمين کي جوهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، سامارو ۾ به ڇتي ڪتن جو آزار ٿي پيو آھي سامارو لڳ ڳوٺ حاجي بنده علي راهو ۾ ڇتي ڪتي حملو ڪري رهواسي پيرسن ڪريم بخش سميت هڪ عورت کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي ڳوٺاڻن تعلقه اسپتال سامارو داخل ڪيو ويو آھي واضح رهي ته سامارو ۽ آسپاس ڇتي ڪتن جو آزار آھي جڏھن ته انتظامه خاموش تماشائي بنيل آھي.

ڇاڇري ۾ ٻن مهينن ۾ 40 ڄڻا ڪتن هٿان ڏاڙهجي ويا، هڪ فوت

ڇاڇرو(رپورٽ يعقوب بجير ) ڇاڇري ڀرسان ٻن وڏي آبادي جي ڳوٺن  رڙياڙو ۽ اوڏاڻي جي رهواسين جو يوسي ڌاڙينڌڙو جي سيڪريٽري خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪري  ڌرڻو هنيو ،ان موقعي تي ڳوٺاڻن نجيب الله ڏوهٽ،حاجي قاسم ڏوهٽ،محمد امين،هيمن ميگھواڙ،پرتاب ميگھواڙ،چندن،روي ۽ دسرت ميگھواڙ چيو ته گذريل ٻن مهينن ۾ اسان جي ڳوٺن ۾ چاليهھ کان مٿي ماڻهن کي ڇتن ڪتن ڏاڙھي زخمي ڪيو آهي ۽ هڪ نوجوان فوت به ٿي ويو آهي هن جي باوجود اسان جي يوسي ڌاڙينڌڙو جي سيڪريٽري اڄ ڏينهن تائين تحرڪ ناهي ورتو  نه ئي ڇاڇرو جي ٽائون  انتظاميا ڪنهن قسم جي ڪُتا مار مهم شروع ڪئي آهي  اسان جي ڳوٺن ۾ ڇتن ڪتن جي آزار جي ڪري خوف واري صورتحال آهي ڪتن جي خوف سبب والدين ٻارڙن کي اسڪول نٿا موڪلن تعيلم تباھ ٿي رهئي آهي.

گهوٽڪي ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا واقعا، ڪيس داخل ٿيڻ جو سلسلو جاري

گهوٽڪي ( ڊ ر ) سنڌ ۾ رولو ڪتن جو آزار بدستور برقرار، گهوٽڪي ضلعي جي مختلف علائقن ۾ انتظاميا جي غفلت سبب ڪيس داخل  ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي خبر موجب سيشن جج گھوٽڪي جي پاڻ مرادو نوٽس وٺڻ بعد رولو ڪتن جي ڏاڙھيل ماڻھن جي فرياد تي سي ايم او، ٽي ايم او ۽ يونين ڪائونسل جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل ٿيڻ شروع ٿي ويا آھن ان سلسلي ۾  ميرپورماٿيلو پوليس ٿاڻي تي سي ايم او ميرپورماٿيلو خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ،ياد رھي ته ڪجھ ڏينھن اڳ حيدري محلو ميرپورماٿيلو جي رھواسي شھاب الدين شاھ کي رولو ڪتي ڏاڙھيو ھو جنھن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ، قادر پور جي يوسي سيڪريٽري سهيل چاچڙ مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو هوڏانهن سرحد لڳ يوسي علي باغ جي سيڪريٽري شفيق مهر مهر مٿان به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ڪنب ۽ راڌڻ ۾ انتظاميا جاڳي پئي، ڪتا مار مهم جي شروعات

ڪنب/راڌڻ (نمائندا) ڪنب ۽ آسپاس ۾ رولو ڪتن جو  آزار وڌي وڃڻ بعد گذريل ڏينهن اي سي ڪوٽڏيجي محمدمراد عباسي ۽ ٽائون آفيسر ڪنب تسليم رضاوساڻ پاران ڪنب ۾ ڪتامارمهم شروع ڪرائي ويئي آھي ٽائون عملي پاران ڪيترن ئي هنڌن تي ڪتن کي زهر ڏئي ماريو ويو آھي ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڏيجي محمدمراد عباسي ۽ٽائون آفيسر ڪنب تسليم رضاوساڻ ٻڌايو ته ڪنب ۽ آسپاس ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو هو ان سلسلي ۾ ڪتامار مهم هلائي ويئي آھي جيڪا هڪ هفتو جاري رهندي،هوڏانهن راڌڻ ٽي جي انتظاميا به  شھر ۾ ڪتا مار مھم شروع ڪري ڇڏي آھي ممتاز علي سومرو موجب 22 ڪتا ماريا ويا آهن.

چوهڙ جمالي ۾ ڪتا مار مهم شروع ٿي وئي

چوهڙ جمالي (ن ع آ) چوهڙ جمالي ٽائون ڪاميٽي انتظامياپاران رولو ڪتا ماري ڪتا مار مهم  جو آغاز ڪيو ويو ، چوهڙ جمالي ٽائون ڪاميٽي جي ايڊمنسٽر محمد عمران ۽ ٽائون آفيسر منور حسين ملاح جي هدايتن تي ٽائون عملي پاران شھر ۾ ڪتن جو آزار وڌي وڃڻ کانپوءِ ٽائون ملازمن پاران شهر جي مختلف گلين ۽ محلن ۾ رولو ڪتن کي زهر ڏيئي ماري ڪتا مار مهم جو آغاز ڪيو ويو آھي ان حوالي سان ٽائون ايڊمنسٽر محمد عمران جو ڇوڻ هو ته چوهڙ جمالي شھر ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو هو جنهن جي ڪري معصوم ٻارڙن ۽ شھرين کي پريشاني هئي .

ڪڍڻ مئل ڪتا شهر اندر اڇلائڻ خلاف احتجاج

ڪڍڻ( رپورٽ: بابو کوسو ) ٽائون ڪميٽي ڪڍڻ جي حدن اندر ڪيترن ئي ماڻھن کي ڇتن  ڪتن جي چڪ پائڻ کان پوء ٽائون آفيسر پاران ڪتا مار مھم شروع ڪندي مئل ڇتن ڪتن کي ڪڍڻ نندو روڊ مٿي ۽ مڇي جي ڍنڍن ۾ اڇلايو پيو وڃي جنھن ڪري بدبوءَ سبب نه ڪو ڳوٺاڻون روڊ تان گذري ٿو سگھي ۽ نه وري روڊ ڀرسان گھرن ۾ ٻارٻچو رڌپچاء ڪري ٿو سگھي، انھي سلسلي ۾ ڳوٺ حاجي خير محمد نوتيار، ڳوٺ واحدڏنو، ڳوٺ مولو شاھ، ڳوٺ جمن ملاح، ۽ ڳوٺ عبدالرحيم چنڊاڻي جي رھواسين عبدالھادي، شفيع محمد، محمد صالح، رجب علي شاھ، احمد ملاح، امير حسن، جمن، پوڙھو ۽ ٻين ڳوٺاڻن ڪڍڻ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪندي ٽائون آفيسر ڪڍڻ خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته ڇتا ڪتا ماري اسانجي ڳوٺ، مين نندو روڊ ۽ مڇي جي تلائن ۾ اڇلايا پيا وڃن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.