گلگت ۾ ڌانڌلي ٿي ته نتيجا سٺا نه نڪرندا: ناصر شاهه

سکر(رپورٽ: اظهر علي دايو) اطلاعات ۽ مڪاني کاتن جي صوبائي وزير سيد ناصر شاهه سکر ۾  ميڊيا سان ڳالهائيندي  چيو ته سکر جي ننڍڙن علائقن جي اسپتالن کي تمام تر جديد مشينري ڏني وئي آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايت تي هيلٿ کاتي ۾ ترقياتي ڪمن جو سلسلو جاري آهي، هن  وڌيڪ چيو ته گلگلت بلتستان ۾  انشاءَ الله پاڪستان پيپلز پارٽي ئي کٽيندي، الڪيشن جا اڃا تائين ڪي به نتيجا سامون نه آيا آهن پر ڪجهھ نه ڪجهھ ٽرينڊ هلي رهيو آهي، هن چيو ته گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ اليڪشن عملو گهٽ هجڻ سبب ووٽنگ سست رفتاري سان ٿي آهي، خاص ڪري عورتن جي پولنگ بوٿ تي ووٽنگ انتهائي سست ٿي ٿي رهي آهي، گلگت جا سڀ ماڻهو پاڪستان پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيندا آهن اسان کي اميد آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جا ئي چونڊيل نمائندا الڪيشن کٽيندا،  اتان جي ڪيئر ٽيڪر حڪومت جي گهڻي ڪوشش آهي ته اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪئي وڃي، جنهن حوالي سان ميڊيا تي به ڪجهھ رپورٽس هلي رهيون آهن، اهڙيون وڊيوز ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن ته اتان جا پوليس اهلڪار پاڻ ٺپا هڻي ڪري عوام کي پريشان ڪري رهيا آهن، انشاءَ الله رات جو اچڻ واري نتيجن ۾ پيپلز پارٽي ئي ڪامياب ٿيندي، چيئرمين صاحب انهن کي پهريان ئي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اليڪشن ۾ دانڌلي ٿي ته ان جا نتيجا سٺا نه نڪرندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.