ٽي ايل پي جي اسلام آباد ڏانهن ريلي، چڪريون، پرڏيهي صحافين کي بريفنگ ملتوي

اسلام آباد/ راولپنڊي( م ڊ) تحريڪ لبيڪ جي ريلي سبب راولپنڊي جنگ جو ميدان بڻجي بڻجي ويو. موبائل سروس بند ڪري اسلام آباد ۾ به هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي. پرڏيهي صحافين کي به بريفنگ ملتوي  ڪئي وئي آهي.  فرانس ۾ گستاخ خاڪن خلاف ٽي ايل پي جي لياقت باغ کان ريلي ڪڍي ته چڪريون شروع ٿي ويون. ٽي ايل پي ڪارڪن ڏنڊن ۽ پٿرن سان ليس هئا. پوليس جي روڪڻ تي پٿراءُ شروع ٿي ويو. صحافي موجب خادم رضوي جو پٽ اڳواڻي ڪري رهيو هو جڏهن ته ٽي ايل پي موجب هو فيض آباد تائين ريلي ڪڍن پيا، پوليس بنا سبب گرفتاريون ڪيون ته ڪارڪن مڇرجي پيا. پوليس موجب مذهبي ڪارڪنن مري روڊ تي ڀڃ ڊاهه ڪئي آهي. مذهبي ڪارڪنن صحافين کي به يرغمال بڻايو، هڪ صحافي بابر ملڪ جي موبائل ڦري وئي، مذهبي ڪارڪنن کيس يرغمال بڻائي پنهنجي مرضي جو بيان رڪارڊ ڪرايو، صحافي موجب بيان وقت سندس پٺيان مذهبي ڪارڪن ڏنڊا کنيون بيٺل هئا. هوڏانهن چڪرين ۽ شيلنگ باوجود ٽي ايل پي ڪارڪن فيض آباد تائين پهچي ويا.  احتجاج سبب صبح کان ئي موبائل سروس بند هئي. اسلام آباد ۾ به هاءِ الرٽ ڪيو ويو، رستن جي بندش ۽ هاءِ الرٽ سبب وزيراعظم جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار معيد يوسف جي ڀارتي سازش ۽ فنڊنگ خلاف پرڏيهي صحافين کي رٿيل بريفنگ ملتوي ڪئي وئي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.