چونڊ ڀڃڪڙين تي اليڪشن ڪميشن خاموش رهي: ترجمان بلاول

لاهور ( م ڊ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي  ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ چونڊ ڀڃڪڙين تي اليڪشن ڪميشن جي خاموشي تي افسوس آهي، هن بيان ۾ چيو ته سپريم ايپليٽ ڪورٽ جي حڪمن جون ڌڄيون اڏايون ويون آهن. هن چيوته  چونڊن ۾ وفاقي حڪومت جي چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙين تي اليڪشن ڪميشن جي خاموشي افسوسناڪ آهي، هن چيو ته ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنن تي ووٽنگ ۾ دير جون اٽڪلبازيون ڪيون ويون، پ پ اميدوارن جي شڪايتن تي به اليڪشن ڪميشن ڪارروائي نه ڪري رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.