گلگت بلتستان ۾ چونڊون، پي ٽي آءِ کي سرسي، پ پ ۽ آزاد اميدوارن جو ٻيو نمبر

گلگت بلتستان (م ڊ)  ڪورونا وائرس جي خطرن ۽ سخت برفباري دوران گلگت بلتستان ۾ چونڊن جو عمل پورو ٿي ويو، گلگت بلتستان قانون ساز اسيمبلي لاءِ چونڊن ۾ پولنگ کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي، جتي تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽي ۾ سخت مقابلو نظر اچي رهيو آهي.گلگت بلتستان چونڊن جي هيل تائين وصول ٿيندڙ غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پي ٽي آءِ  سڀني کان اڳتي آهي، جڏهن ته پ پ جو ٻيو نمبر آهي.غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب تحريڪ انصاف کي 3 تڪن تي، پ پ کي 2 تڪن تي سرسي حاصل آهي، جڏهن ته ن ليگ رڳو 2 تڪن ۾ اڳتي آهي.گگلت بلتستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات ۽ برفباري سبب سخت ٿڌ آهي پر ان باوجود 24 مان 23 سيٽن لاءِ ووٽنگ جو عمل صبح 8 وڳي کان شروع ٿيو، جيڪو شام 5 وڳي تائين پرامن طريقي سان بنا وقفي جاري رهيو.چونڊن ۾ تحريڪ انصاف، ن ليگ، پ پ سميت ڪيتريون ئي جماعتون ۽ آزاد اميداور به قسمت آزمائي رهيا آهن.گگلت بلتستان ۾ چونڊن لاءِ 10 ضلعن ۾ هڪ هزار 161 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون هيون، جن مان 418 کي انتهائي حساس، جڏهن ته 311 کي حساس قرار ڏنو ويو ۽ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ پولنگ اسٽيشنز تي 15 هزار 9 سئو کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا.چونڊ عمل دوران ڪورونا وبا کان بچڻ لاءِ پريزائيڊنگ آفيسرن کي پولنگ جي سامان سان گڏوگڏ ماسڪ ۽ هينڊ سينيٽائيزر پڻ فراهم ڪيا ويا.گگلت بلتستان ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 7 لک 45 هزار 361 آهي، جن ۾ مرد ووٽرن جو انگ 4 لک 53 هزار، جڏهن ته عورت ووٽرن جو انگ 3 لک 40 هزار آهي، پولنگ ۾ عورتن پڻ وڏي انگ ۾ حصو ورتو، جڏهن ته چونڊن ۾ پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وڏي وزير سيد مهدي شاهه کي شڪست ٿي وئي، چونڊ تڪ جي بي اي 7 اسڪردو ون تان پي ٽي آءِ جو راجا محمد ذڪريا خان اڳوڻي وڏي وزير مهدي شاهه کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي، 28 پولنگ اسٽيشنن جي غيرحتمي ۽ غير سرڪاري نتيجي مطابق پي ٽي آءِ اميدوار 5290 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي آهي، پ پ جو مهدي شاهه 4114 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي، خيال رهي ته سيد مهدي شاهه گلگت بلتستان جو پهريون وزيراعليٰ رهيو آهي، غيرحتمي نتيجن مطابق جي بي ايل اي 24 گهانچي 3 مان پ پ جو اڳواڻ انجنيئر اسماعيل 6 هزار 206 ووٽ کڻي پنهنجي فتح جو سلسلو جاري رکيو، پي ٽي آءِ جي شمس الدين 5 هزار 361 ووٽ کنيا، جي بي ايل اي 9 اسڪردو3 جي غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن مطابق آزاد اميدوار وزيراسلم 3 هزار 380 ووٽ کڻي اڳتي آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ  جو فدا ناشاد هڪ هزار 213 ووٽ حاصل ڪيا، جي بي اي 4 نگر تان پ پ جو امجد حسين 3519 ووٽ کڻي اڳتي آهي جڏهن ته اسلامي تحريڪ پاڪستان جي محمد ايوب وزيري 3271 ووٽ کنيا، جي پي اي5 نگر تان آزاد اميدوار جايد علي منوا 2113 ووٽن سان پهرين نمبر تي آهي، جي بي اي 10 اسڪردو 4 تان آزاد امدوار ناصر علي خان 4824 ووٽ کڻي پهرين نمبر تي جڏهن  ته پي ٽي آءِ جو وزير حسن 3107 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي جي بي اي 12 شيگر تان پي ٽي آءِ جوراجا اعظم سان 6513 ووٽ کڻي پهرين پ پ جو عمران نديم 5175 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي،جي بي 1 گلگت 1 تي آزاد اميدوار سلطان رئيس 6564 ووٽ کڻي پهرين پ پ جو امجد حسين 6155 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي، جي بي اي 2 گلگت 2 تي پ پ جو جميل احمد 4765 پي ٽي آءِ جو فتح الله خان 4134 ووٽ، جي بي اي 21 غذر 3 تي ن ليگ جو غلام محمد 1911 ووٽ پي ٽي آءِ جو راجا جهازيب 1750 ووٽ، جي بي اي 6 هنزه تي پي ٽي آءِ جو محمد خالد خورشيد 3558 ووٽ، پ پ جو عبدالحميد 2063 ووٽ، جي بي اي14 استور 2 تي پي ٽي آءِجو شمس الحق لون 5234 ووٽ، پ پ جو مظفر علي 3100 ووٽ، جي بي اي 11 خرمنگ تي پي ٽي آءِ جو سيد امجد علي 4374 ووٽ ، آزاد اميدوار اقبال حسن 1175 ووٽ، جي بي اي 8 اسڪردو 2 تي مجلس وحدت المسلمين جو محمد ڪاظم 7184 ووٽ پ پ جو سيد محمد علي شاهه 6783 ووٽ،جي بي اي 7 اسڪردو 1 تي پي ٽي آءِ جو راجا محمد ذڪريا 5290 ووٽ پ پ جو سيد مهدي شاهه 4114 ووٽ، جي بي اي 22 گهانچي هڪ تي آزاد اميدوار وزير محمد سليم 5903 ووٽ، پي ٽي آءِ جي فدا محمد ناشاد 4445 ووٽ، جي بي اي 20 غذر 2 تي پي ٽي آءِ جي نذير احمد 704 پ پ جي علي مدد شير 384 ووٽ، جي بي اي 24 گهانچي 3 تي پ پ جي محمد اسماعيل 6204، پي ٽي آءِ جي سيد شمس الدين 5361 ووٽ، جي بي اي 19 خضرهڪ تي پي ٽي آءِ جي ظفراحمد 1184 پ پ جي سيد جلال شاهه 994 ووٽ، جي بي اي 17 ديامير 3 تي جي يو آءِ ف جي رحمت خالق 2063، پي ٽي آءِ جي حيدر خان 821 ووٽ، جي بي اي 15 ديامر هڪ تي پ پ جي بشير احمد 365 آزاد محمد دلپزير 310 ووٽ، جي بي اي 16 ديامر 2 تي ن ليگ جي محمد انور 1922 ۽ پي ٽي آءِ جي عتيق الله 1642 ووٽ کنيا، هوڏانهن چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته نتيجن ۾ وقت لڳندو، اڃا ڪٿان به حتمي نتيجو ناهي مليو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.